ڪراچي: سوئي گيس سميت مختلف وفاقي کاتن مان ملازمن جي برطرفين خلاف مظاهرو

سوئي سدرن گئس ۽ مختلف وفاقي کاتن مان 16000 ملازمن جي جبري برطرفين خلاف  ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،.ان موقعي تي برطرف ملازمن عبدالقيوم  سهيل عالم خان،عبدالمالڪ جمالي،اڪبر خان ۽ ٻين چيو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آڙ ۾ ملازمن کي برطرف ڪري ناانصافي ڪئي آهي، هنن چيو ته اسان پنهنجي سڄي عمر هن  اداري  ڏئي ڇڏي ،هاڻي اسان کي برطرف ڪري اسان جي ٻچڙن سان ظلم ڪيو ٿو وڃي، هنن چيو ته آرڊيننس 2010 فورن بحال ڪري هزارين ملازمن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي ،هنن چيو ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪريون ته فيصلي تي نطرثاني ڪري برطرف ملازمن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.