گهوٽڪي: سول اسپتال ٻاهران صحافي جي موٽر سائيڪل چوري،احتجاجي مظاهرو

گهوٽڪي جي صحافي يونس ڀٽو جي سول اسپتال ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ خلاف صحافين پاران ٿاڻي ٻاهران احتجاج ڪيو ويو،  صحافي يونس ڀٽو موٽر سائيڪل سول اسپتال جي ايمرجنسي ٻاهران بيهاري ڪوريج ڪري رهيو هو ته نامعلوم چور موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا , جڏهن ته اهڙو اطلاع گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڏنو ويو , هوڏانهن گهوٽڪي جي صحافين جبار مهر , نذير لانگاھ , عرفان سومرو ,  مبين ڪولاچي , جميل مهر , اسد گهنڃو , نديم ڀٽي , عبدالقادر منگي ٻين جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي صحافين جو چوڻ هو ته گهوٽڪي اندر هر روز موٽر سائيڪل چوري ٿي رهيون آهن پر گهوٽڪي پوليس ننڊ ستل آهي , هنن چيو ته اڄ گهوٽڪي جي صحافي يونس ڀٽو جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي آهي , هنن چتاءُ ڏنو  ته فوري طور صحافي يونس ڀٽو جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس نه ڪرائي وئي ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.