سوڀوديرو ، سڳيون ، ڪوٽڙي ، بڊاڻي ۽ گھوٽڪي جون خبرون

سوڀو ديرو: ڳوٺ پرتو واھڻ جي رھواسي عورت جو ٻارڙن سميت بااثر خلاف احتجاج

سڳيون : چور موبائيل ڪميونيڪيشن جي دوڪان جي ڇت پٽي روڪ رقم سامان ٻهاري ويا

ڪوٽڙي: غريب آباد ڪالوني  واسي پورهيت جو ٻارن سوڌو بااثر خلاف احتجاج

بڊاڻي : ڀٽا ۽ بڊاڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ،3 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي: ڳوٺ ارباب ڪلادي ۾ ڪارنهن جي معاملي تان جهيڙو،  2 ڄڻا زخمي

1

سوڀوديرو لڳ ڳوٺ پرتو واھڻ جي رھواسي مسمات امينت خاتون مڱڻيجو پنھنجي مڙس غلام رسول مڱڻيجو ۽ معصوم ٻارن کي ساڻ ڪري سوڀوديرو ۾ انساني حقن جي آفيس Hrpf پھچي احتجاج ڪيو ، ان موقعي تي دانهيندي هن الزام ھنيو ته اسان اڍائي ٽي سال اڳ مجبوري ۾  نعمت مڱڻيجو کان پنجاھ ھزار وياج تي ورتا ھيا انھن پنجاھ ھزار تي اسان ھن وقت تائين پنھنجا سونا زيور ۽ ڍور ڍڳا وڪرو ڪري لکين رپيا وياج ادا ڪيو آھي،  ھن کان اسان پنھنجو گذر سفر ڪرڻ لاء ايڊوانس ڏئي موٽر سائيڪل ورتي جنھن جون به قسطون ڏيندا آھيون،  بااثر نعمت مڱڻيجو اڃان به چئي ٿو هن کي ٻه اڍائي لک رپيا ڏيون ۽  نياڻيون وڪرو ڪيون،  هو چوي ٿو ته ان جا پوليس جي وڏن آفيسرن سان تعلقات آھن،  اسان ھن جي خوف سبب رات جو معصوم ٻارن سميت وونئڻ ۽ ڪمند جي فصل ۾ سمھي زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون ، ڳوٺاڻن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آء جي سنڌ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته وياجي نعمت مڱڻيجو  خلاف قدم کڻي کين تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي

2

سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾بدامني چوٽ چڙهي وئي، نامعلوم چور سڳيون پوليس چوڪي ڀرسان سليم آرائين جي موبائيل ڪميونيڪيشن جي دوڪان جي ڇت پٽي روڪ رقم ۽ ٻيو لکين رپين جو قيمتي سامان ٻهاري ويا جڏهن ته دوڪانن تي مقرر پهريدار گهري ننڊ ستل رهيو جنهن جا فوٽيج پڻ عوامي آواز نيوز حاصل ڪري ورتاآهن ،ان سلسلي ۾ دوڪاندار سليم آرائين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته تقريبن هڪ لک ستاويھ هزار کان وڌيڪ ماليت جي چوري ٿي آهي، مسڪين پورهيت آهيان منهنجي روزي جو واحد ذريعو دوڪان آهي هن  آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

3

ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي غريب آباد ڪالوني  واسي پورهيت عالم علي پنهنجي معذور  ٻارڙن سان گڏجي  ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي پهچي بااثر وڪيو شورو خلاف احتجاج ڪيو ، ان موقعي تي متاثر  پورهيت عالم علي صحافين کي ٻڌايو ته هو  رڪشا هلائيندو آھي، ۽ ٻه ڏينهن اڳ هو پنهنجي معذور ٻارڙن سان گڏجي رڪشي  ۾ ڪوٽڙي اچي رهيو هو ته مينهن جي گاڏي سان رڪشي جو ٽڪر ٿي پيو هو جنهن تي سوزوڪي مالڪ وڪيو شورو پاران مون سميت منهنجي معذور ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪري هڪ پٽ فرحان علي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن بعد فرار ٿي ويو، هن چيو واقعي جي رپورٽ ڪوٽڙي ٿاڻي تي داخل ڪئي آهي پر پوليس بااثر وڪيو شوروخلاف ڪارراوئي ڪرڻ لاء تيار نه آھي، متاثر پورهيت ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبوڪيو ته بااثر خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي

4

بڊاڻي ۾ ڀٽا ۽ بڊاڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو  ٿي پيو جنهن دوران هڪ عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ پوليس اهلڪار قربان علي چاچڙ عورت مسمات سرور خاتون ۽ نوجوان سالار ڀٽو شامل آهن جڏهن ته بڊاڻي پوليس جاء واردات تي پهچي فائرنگ تي ڪنٽرول ڪرائي ورتو واضح رهي ته ڪجه وقت اڳ بڊاڻي ۽ ڀٽا برادري ۾ ڪبوتر جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو جنهن تي جهيڙو ڪيو ويو.

05

 

گهوٽڪي لڳ ڳوٺ ارباب ڪلادي ۾ ڪارنهن جي معاملي تان جهيڙي دوران  هڪ ڌر پاران حملو ڪري سب انسپيڪٽر سميت ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو، ڳوٺ ارباب ڪلادي جو رهواسي سب انسپيڪٽر پانڌي ڪلادي ۽ ڪرم دين ڪلادي موٽر سائيڪل تي ڳوٺ ارباب ڪلادي کان عادلپور وڃي رهيا هئا  ته ٻنڌ مائينر وٺ جوابدارن حملي ڪري ڏنو , جنهن ڪري لٺيون لڳڻ ڪري سب انسپيڪٽر پانڌي ڪلادي ۽ ڪرم دين ڪلادي زخمي ٿي پيا جن کي گهوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو , هوڏانهن ڪلادي برادري جي ماڻهن محمود ڪلادي , نياز ڪلادي , استاد محبوب ڪلادي , استاد حيات ڪلادي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار سراج ڪلادي , فيض محمد ڪلادي , واجد ڪلادي ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي , هنن جو ڪارنهن مسئلو ٻين سان هلندڙ آهي پر هو اسان کي بنا جواز تنگ ڪري حملا ڪري رهيا آهن , هنن  ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڏياري تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.