اسلام ڪوٽ لڳ ٿرڪول جو پاڻي ٻنين ۾ داخل

اسلام ڪوٽ  (ت  ر) اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي پيل زوردار برسات بعد ٿرڪول بلاڪ ون تي ڊمپنگ واري ايريا جي ٺهيل ڀٽ کي برسات ٽوڙي ڇڏيو،ڪوئلي جي کوٽائي بعد کاڻ مان مٽي ڪڍي ڊمپنگ ڪري ٺاهيل ڀٽ کي برساتي پاڻي ٽوڙي ڇڏيو آهي،جنهن بعد مائننگ سائيٽ واري ڊمپنگ ايريا واري پاڻي ڳوٺ تلوايو جي غريب مسڪين هارين جي ٻنين کي مڪمل ٻوڙهي ڇڏيو آهي ۽ پاڻي فصلن کي لوڙهي ڇڏيو آهي،جنهن سبب پوکيل فصل ٻُڏي ويو آهي ۽ پاڻي گهرن طرف وڌي رهيو آهي پر ڪمپني پاڻي کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا،اُنهي سلسلي ڳوٺ تلوايو جي رهواسين حُسين مهراڻپوٽو ۽ٻين چيو ته بلاڪ ون جي مائننگ بعد ٺاهيل ڊمپنگ واري ڀٽ کي برساتي پاڻي ٽوڙي ڇڏيو آهي،جنهن بعد ڊمپنگ وارو پاڻي اسان جي ٻنين ۾ داخل ٿي ويو آهي،فصل ٻُڏي ۽ لڙهي ويو آهي،پاڻي گهرن طرف وڌي رهيو آهي،اسان جا گهر ٻُڏڻ جي خطري ۾ آهن ڪمپني دانهن نه ٿي ٻُڌي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.