نياز چنو قلم وسيلي مظلومن جو آواز ايوانن تان پهچايو: قلم ڌڻي

گهوٽڪي ( ڊ ر  ) نياز چنو پنهنجي قلم وسيلي ديس جي مظلوم ماڻهن جو آواز اعلئ ايوانن تائين پهچائي پيو , سندس قلم ۾ ڌرتي جو درد سمايل آهي . پريس ڪلب گهوٽڪي ۾ سينئر صحافي پياري محترم نياز چنه جي سالگرھ جي ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب ٿي گذري جنهن ۾ سينئر صحافي جيوت رام آر منگلاڻي، آزاد مهر ، سائينڏنو عباسي، ظفر صديقي،  فرمان سومرو، يونس ڀٽو، عبدالحئي ساوند ، مسرت مهر ،  شاهد چنه پ پ اڳواڻ رئيس اڪبر دايو ۽ ٻين نياز چنه جي سالگرھ جو ڪيڪ گڏجي ڪري ڪاٽيو،  ان موقعي تي قلم ڌڻين ڳالهائيندي چيو ته نياز چنو سنڌ جي انهن بيباڪ قلم ڌڻين مان آهي، جيڪي هميشه سنڌ جي درد کي پنهنجو درد سمجهي هن ديس واسين جو حقيقي آواز بڻجي ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائن ٿا , هنن چيو ته سنڌ جي قلم ڌڻين کي گهرجي ته هو نياز چني جيان سچي ۽ کري صحافت ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.