ملير پوليس جي 5 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (ڊ.ر) ملير ڪينٽ پوليس ڪاروائي ڪندي موٽرسائيڪل لفٽنگ ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان چرس ۽ چوري ڪيل موٽرسائيڪلون هٿ، خبر موجب ؛ ملير ڪينٽ پوليس ڪاروائي ڪندي موٽرسائيڪل لفٽنگ ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي موٽرسائيڪل لفٽنگ ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث پنجن جوابدارن  عبدالرحمٰن، طاهر، ريوالسان، عرفان ۽ ڊيوڊ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس ۽ چوري ڪيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون آهن، جوابدارن جي قبضي مان هٿ آيل موٽرسائيڪلون نيو ٽائون ۽ سهراب ڳوٺ ٿاڻن جي حدن مان چوري ڪئي وئي هيون، گرفتار جوابدارن نشي جي عادي ماڻهن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.