جوهي ۾ بدامني، شهرين جو ٿاڻي آڏو ڌرڻو، ايس ايڇ او هٽايو جا نعرا

جوهي ( ن ع آ  )  جوهي ۾  چوريون، ڦرون،  وڌندڙ بد امني ۽ ايس ايس پي دادو، ڊي ايس پي، ايس ايڇ او جوهي  خلاف شهرين پاران  احمد ڪمدار لنڊ، ڪامريڊ عبد الوحيد ٿهيم، خادم جمالي، علي اڪبر  گاڏهي، آفاق  ڀٽو،  ايوب لغاري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو پهچي ڌرڻو هنيو ويو،  ان موقعي تي ايس ايس پي دادو ايس ايڇ او جوهي هٽايو بد امني گهٽايو جا نعرا هنيا ويا، هنن وڌيڪ چيو ته جوهي ۾ نا اهل ايس ايڇ او منور چانڊيو جي مقرري بعد چورين ڦرن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، شهري گهٽين گهرن ۾ محفوظ نه آهن، گذريل رات دير سان حيدر گاڏهي کان موٽر سائيڪل ۽ ٻچن لاءِ ورتل کاڌ خوراڪ جو سامان پڻ  ڦر ڪيو ويو، ٿوري دير ۾ گرڊ اسٽيشن وٽ ٽن هٿياربند ن احمد ڪمدار لنڊ کان موٽر سائيڪل، روڪ رقم، ٻيو ضروري ڪاغزات ڦر ڪيا، مزاحمت ڪرڻ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ابتو جوهي پوليس احمد ڪمدار لنڊ کي ڊرامو رچائڻ جو الزام ڏيندي گرفتاري جو ڌمڪيون ڏنيون، ايس ايڇ او جي مقرري بعد منشيات جا اڏا سرعام هلن ٿا، ايس ايس پي دادو ضلعي جا ٿاڻا منٿلي تي من پسند ايس ايڇ اوز حوالي ڪري ڇڏيا آھن، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.