مٽياري ڀرسان جوابدار ناري جو ڳلو ڪپي ڇڏيو

مٽياري (ڊ ر) مٽياري لڳ ڪلياڻ بند وٽ قائم ڄاموٽ ڪالوني ۾ رات دير سان شادي شده 25 سالا عورت مسمات انيسا عمراڻي جو نامعلوم  جوابدار گھر اندر گھڙي ڳلو ڪپي کيس مارڻ جي ڪوشش رڙين تي گھر ڀاتي سجاڳ ٿي پيا جنھن تي جوابدار فرار ٿي ويو ، زخمي عورت کي فوري طور تي تعلقي اسپتال مٽياري آندو،ويو، ساڻس گڏ آيل متاثر عورت جي سس مسمات جانڻ عمراڻي  ٻڌايو  ته گهر اندر ستل هئاسين ته اچانڪ هڪ نامعلوم جوابدار گهر ۾ داخل ٿي منهجي پٽ نادر جي گھر واريءَ جو ڳلو ڪپي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ھئو ته اسان رڙين تي اٿياسين ته حملو ڪندڙ نامعلوم جوابدار فرار ٿي ويو جنهن بعد کيبراڻي ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڏنو ۽ ميڊيڪل ليٽر وٺي مٽياري تعلقي اسپتال  پهتا آهيون، عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کيس فرسٽ ائيد ڏيڻ بعد  سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، ٻئي پاسي کيبراڻي ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جتي اهو واقعو پيش آيو آهي اها حد اسان جي ٿاڻي جي نه آهي اها حد سيکاٽ ٿاڻي جي آهي پر متاثر اسان وٽ آيا ته اسان کين ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪرڻ بعد سيکاٽ پوليس کي اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.