احمد پور لڳ نينگري اغوا، اين سي داخل

احمدپور (رپورٽ : نديم راجا ميتلو ) احمدپور لڳ نوجوان ناري مبينا اغوا، کنڀڙا برادريء جي چئن خلاف اين سي داخل . گرفتاري  عمل نه اچي سگهي رپورٽ موجب احمدپور لڳ ڳوٺ وڏا کنڀڙا مان مبينا طور 15 سالن جي نوجوان ناري سائرہ ڌيءَ عزيز ﷲ کنڀڙو گذريل رات دير سان اغوا ٿي وئي آهي ناري جي ڀاءُ ابرار علي کنڀڙو جي فرياد تي شان علي، ارشاد علي، محمد خان، ذيشان علي کنڀڙو سميت کنڀڙا برادريء جي چئن ڄڻن خلاف احمدپور ٿاڻي تي ناري کي اغوا ڪرڻ جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي آخري اطلاعن تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جنھن ڪري کنڀڙا برادريء جي ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ٻئي طرف احمدپور پوليس جو چوڻ ته ناري جي اغوا ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.