ماٿيلي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ملازمن جو ڌرڻو، بک هڙتالي ڪئمپ قائم

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ: نصرالله گڏاڻي) پ پ جي وفاق خلاف ميرپورماٿيلو ۾ لڳل ڌرڻي سامهون ميونسيپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي برطرف ٿيل ملازمن جو به ڌرڻو، هڪ طرف پ پ پاران وفاق جي پاليسين خلاف ڌرڻو ھنيو ويو ته ٻئي طرف برطرف ملازمن پ پ حڪومت خلاف احتجاج مظاھرو ڪري بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪيو، ميونسيپل ڪاميٽي گهوٽڪي جا ملازم بحال ڪرڻ لاءِ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ڪريم بخش پٺاڻ، محمد حنيف ڪورائي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته پ پ حڪومت هڪ طرف وفاقي ملازمن جي برطرفي تي وفاقي حڪومت خلاف احتجاج پئي ڪري ته ٻئي طرف پنهنجا ملازم برطرف پئي ڪري، ھنن چيو ته اسان 368 ميونسپل ڪاميٽي جا ملازم گذريل سترھن مھينن کان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، اسان جي پگھار بند ڪئي وئي آھي، پ پ جا مقامي چونڊيل نمائندا انتقامي ڪارروايون پيا ڪن ۽ بلاول ڀٽو زرداري به واھر نه ٿو ڪري، ھنن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان برطرف ملازمن بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي سامهون قرآن پاڪ کڻي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو هو ، مسئلو حل نه ٿيو ته پاڻ کي باهه ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.