عوام کي ووٽ جي اهميت سمجهڻي پوندي:راشد سومرو

ملير (ڊ.ر) جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته عوام کي ووٽ جي اهميت کي سمجهڻو پوندو،  جيستائين عوام ووٽ جو صحيح استعمال نه ڪندي تيستائين مسئلا حل نه ٿيندا، سنڌ جي خوشحالي، امن ۽ ترقي لاءِ سنڌ واسي پنهنجو ووٽ جمعيت کي ڏئي اسان جي حڪومت آڻي ته سنڌ کي سرسبز، شاداب ۽ خوشحال بڻائينداسين، سنڌ واسين کي هڪ موقعو جمعيت کي ڏيڻ گهرجي، آءُ واعدو ٿو ڪريان ته جنهن اسڪول ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو پٽ پڙهندو ان ئي اسڪول ۾ هاري، مزدور جو ٻار به پڙهندو، اهڙو اظهار هن سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ سنڌ جي ٻرندڙن مسئلن تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، علامه راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو ۽ اهم مسئلو ووٽ آهي، سنڌ واسي ٻن هزارن، نالا ٺهرائي ڏيڻ، ٽرانسفارمر ٺهرائڻ جي عيوض سنڌ کپائڻ وارن کي ووٽ ڏين ٿا، هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ماءُ کي انصاف نه ڏياري سگهيو ٻين کي ڪهڙو انصاف ڏياريندو، هن چيو ته سنڌ ۾ روزانو هڪ ارب رپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي، پ پ وارا ڪراچي پريس ڪلب تي مناظرو ڪن ته آءُ تيار آهيان، ثبوتن سان گڏ ڪرپشن ثابت ڪري ڏيندس، راشد محمود سومرو چيو ته 60 لک ٻار تعليم کان محروم آهن، سرڪاري اسڪول تباهه حال آهن، هٿ وٺي سنڌ جي تعليم تباهه ڪئي وئي آهي ته جيئن غريبن جا ٻار تعليم کان محروم رهي سندن غلامي ڪندا رهن، هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، ڪوبه ماڻهو گهر توڙي رستن تي محفوظ نه آهي، نياڻين جون عزتون محفوظ نه آهن، راشد محمود سومرو چيو ته بينظير انڪم سپورٽ جي نالي تي عورتن کي سرڪاري دفترن جا چڪر ڪٽرايا ٿا وڃن، راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ ۾ صحت جي ڪابه سهولت نه آهي، نواب شاهه جي سرڪاري اسپتال ۾ اي سي جي لاءِ پنو ناهي اهو به مريض وٺي اچن ٿا، هن چيو ته بحريا ٽائون کي سنڌ جي زمين کپائڻ جو اختيار ڪنهن به حڪمران کي ناهي، هڪ روپئي ۾ ھڪ فٽ زمين بحريا کي وڪرو ڪئي ويئي آھي , جميعت جي حڪومت آئي ته زمين واپس وٺنداسين، هن چيو ته سنڌ جا جزيرا کپايا ويا، غريب ماڻھون اجهي لاء پريشان آھي ,راشد محمود سومرو چيو ته سوئي جي علائقي مان 80 سيڪڙو پيٽرول ۽ گئس ختم ٿي ويو آهي صرف 20 سيڪڙو رهيو آهي، 80 سيڪڙو گئس ۽ پئٽرول جي کوٽ سنڌ جي ضلعن بدين، گهوٽڪي ۽ خيرپور مان نڪرندڙ پورو ڪري ٿي، سنڌ حڪومت کي ٽن ضلعن جي مد ۾ 10 ارب رپيا رائلٽي سالياني ملي ٿي جيڪا ڪرپشن جي ور چڙھي وڃي ٿي, هن چيو ته ٿرڪول ڪائنات جو هڪ وڏو تحفو آهي ٿر جي ڪوئلي مان نڪرندڙ بجلي سموري ملڪ کي هلائي سگهي ٿي، ٿر مان نڪرندڙ بجلي جو هڪ يونٽ هڪ رپئي ۾ پوي ٿو پر عوام کي هڪ يونٽ 35 رپين ۾ پوي ٿو، ٿر مان نڪرندڙ قيمتي پٿر گري دنيا جو قيمتي پٿر آهي، اهو وڪرو ڪري سمورو ملڪ دبئي ٿي سگهي ٿو، ٿر جي مٽي مان قيمتي ٿانءُ ٿا ٺهن، هن چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ مهانگائي سبب عوام تمام گهڻي پريشان آھي, ماڻھون ذهني مريض بڻجي ويا آھن اجهو ويو، لٽو ويو، اٽو ويو، ھاڻ ته بي روزگار نوجوان ڊگريون ساڙي رهيا آهن،، راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته ڌرتي جي بقا ۽ خوشحالي لاء سڀ ويڇا ويساري متحد ٿي جميعت جو ساٿ ڏينن، انشاء الله حڪومت ۾ اچي سنڌ کي حقيقي منعيٰ ۾ اسلامي, فلاحي ۽ خوشحال سنڌ بڻائينداسين، تقريب کي سماجي اڳواڻ ظهير ميمڻ، قاري حمد الله حقاني، مولانا احسان الله ٽڪروي پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.