سکر ۾ قتل ٿيل زميندار جو ڪيس داخل نه ٿيو

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو)  گذريل ڏينهن سکر جي ورڪشاپ روڊ وٽ ھٿياربندن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ قتل ٿيل زميندار ناظم جاگيراڻي ۽  اڳوڻي رٽائرڊ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن غلام مرتضيٰ جاگيراڻي کي پٽن سميت زخمي ڪندڙن خلاف هن وقت تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي ۽ زخمي ٿيندڙن جي وارثن پاران ڪوبه ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهين پهتو جئين ئي ڪو وارث ٿاڻي تي ايندو ته ان جي نشاندهي بعد جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون  فوتي ۽ زخمي ٿيندڙن جي وارثن سان ڪنڌرا ۾ فوتي جي تڏي تي پهچي ڪري تعذيت ڪئي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران خاطري پڻ ڪرائي وئي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن سکر شهر جي ڳتيل آبادي ورڪشاپ روڊ نامعلوم تي ھٿياربندن پاران هڪ ڪار ۾ سوار جاگيراڻي برادري جي ماڻهن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا هئا جنهن سبب ڪنڌرا واسي زميندار ناظم جاگيراڻي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته اڳوڻو رٽائرڊ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن غلام مرتضٰي جاگيراڻي ٻن پٽن منظر جاگيراڻي ۽ فرحان جاگيراڻي سميت شديد زخمي ٿي پيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.