ڪنڌڪوٽ ۾گولا برادري جو پوليس خلاف احتجاج، ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ ممتازسنڌي) ايس ايڇ او بخشاپور خلاف گولا برادري جو ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ آفيس آڏو هٿن ۾  پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ۔چوري ٿيل مينهون واپس ڪرائڻ لاء نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن استاد نثار احمد ۔فدا حسين ۔محمد رفيق ۔صدام گولو ۽ ٻين چيو ته اسان جون مسلسل مينهون چوري ٿي رهيو ن آهن ۽ سڏ پنڌ تي پوليس چوڪي هئڻ باوجود به پوليس چورن جو پيڇو نه  ڪيو ۽ چوري جو ڪيس درج ڪرائڻ ايس ايڇ او بخشاپور  غلام قادر جتوئي وٽ وياسين جنهن ڪيس درج ڪرڻ کان صاف ڪري ڇڏيو ۽ اڄ اسان مجبور ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آھي اسين ايس ايس  پي امجد شيخ سميت وس وارن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته چورن جي ساٿاري ايس ايڇ او کي هٽائي اسان جو ن چوري ٿيل مينهون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.