لاڙڪاڻي ۾ عورت ۽ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ شاهل خان عمراڻي جي رهواسين مبينا قتل ٿي ويل عورت سميت ٻن ڄڻن جي خون سان انصاف نه ٿيڻ ۽  زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ وئي، ان موقعي تي پورهيت نوجوان نظير علي عمراڻي پنهنجي ناني پيراڻي خاتون، چاچي شهناز خاتون، ڀاءُ ارشاد علي، سئوٽ اسد علي عمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته سال 2012ع ۾ ملڪيت جي معاملي تان منهنجي بااثر چاچن حبيب الله عمراڻي، ڪريم بخش، راضا محمد سندن پٽن، ڀيڻيوو غلام حيدر، مائٽ غلام مصطفيٰ عمراڻي ۽ دوست علي ڏنو شر منهنجي ڀيڻ مسمات نوربانو کي گهر اندر گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو بعد ۾ گذريل 22 جولاءِ تي سئوٽ اياز علي عمراڻي کي به ڪهاڙيون ۽ گوليون هڻي قتل ڪيو ٻنهي واقعن جا ڪيس اسان ڌار ڌار حد جي آريجا ڦيڙو ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ڪرايا. هن وڌيڪ الزام لڳايو ته منهنجي پيءُ عبدالرحيم ۽ چاچي رحمت الله عمراڻي جي نالي تي ديھ مياڻي نهال ۾ 14 جريب زرعي زمين آهي، جنهن زمين تي پڻ مٿين جوابدارن زبردستي هٿيارن جي زور تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ايس ايس پي نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.