قمبر ڀرسان برادري تڪرار ٻن نوجوانن جون حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻو/ قمبر (نمائندن وٽان) قمبر ويجهو قمبر سٽي جي ٿاڻي جي حد نورواهه پل تي مغيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري قمبر تعلقي جي ڳوٺ آبڙي واسي موٽرسائيڪل  سوار ٻن نوجوانن عبدالقادر مغيري ۽ سندس دوست قربان مغيري کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي وارثن جي مدد سان ٻنهي زخمين کي کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻنهي نوجوانن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.  مقتولن جا وارث قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندي زارو قطار روئيندا رهيا. ان موقعي تي مقتولن جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي ئي برادري جي بااثرن سان سالن کان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جنهن ڪري انهن انڌانڌ فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ اسان جا ٻئي نوجوان ٿڏي تي مارجي ويا. واضح رهي ته ڏھ سال اڳ هاڻوڪي فوتي ڌر فيض محمد مغيري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو جنهن جو ٻه سال اڳ سٺ لک فيصلو ٿيو هو جنھن جو ڏوهي ڌر ڏنڊ ڀري ڏنو ھو ساڳئي تڪرار تان پنج مهينا اڳ قتل ٿي ويل فيص محمد مغيري جي ڌر ارباب مغيري کي قتل ڪيو هو جنهن جي قتل ڪيس ۾ قتل ٿي ويل قادر رمضان مغيري جوابدار ڄاڻايل هئا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.