لاڪاليجن ۾ امتحان نه وٺڻ تي لطيف يونيورسٽي جي وي سي کي نوٽيس

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) لاڪاليجز ۾ شاگردن کان امتحان نه وٺڻ بابت داخل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران شاگردن جي وڪيل نثار ڀنڀرو عدالت کي ٻڌايو ته ٽن سالن کان  شاگردن کان امتحان نه پيا ورتا وڃن، جنهن سبب شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، سپريم ڪورٽ پاران به شاگردن کي ٻين ڪاليجز ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر يونيورسٽي انتظاميه عدالت جي حڪم ئي به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي، عدالت وڪيل جو موقف ٻڌڻي بعد شاگردن کان امتحان نه وٺڻ تي يونيورسٽي انتظاميا مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انسپيڪٽر ڪالجز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڇونه توهان کي توهين عدالت ڪيس هلايو وڃي ته جئين توهان کي خبر پوي ته عدالتي حڪم نه مڃڻ جي سزا ڇا هوندي آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي کي ان پرسن طلب ڪندي پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو چتاءُ ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.