پاڪستان سان لاڳاپن جي جائزي جو فيصلو، مفاد ٽڪراءُ ۾ آهن: آمريڪا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا پاڪستان کان عورتن جا حق ڏيڻ تائين طالبان حڪومت کي نه مڃڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سان ڪيترائي مفاد ٽڪراءُ ۾ آهن، لاڳاپن جو نئين سر جائزو ورتو ويندو. آمريڪي پرڏيهي  وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته جائزو وٺنداسين ته آمريڪا افغانستان ۾ ڇا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان مان ڪهڙيون اميدون رکي سگهجن ٿيون. آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن افغانستان مان آمريڪي نيڪالي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪانگريس ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا آهن. آمريڪي ايوان جي نمائندن جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي کي بلنڪن ٻڌايو ته آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان ان وقت تائين طالبان جي حڪومت نه قبول ڪري جيستائين اهي افغانستان جي سرزمين کي دهشتگردن جي آماجگاهه بڻجڻ واري واعدي جي پاسداري نٿا ڪن. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪردار رهيو آهي، پاڪستان آمريڪا سان سهڪار به ڪيو ۽ اسان جي مفادن جي خلاف به رهيو. هن چيو ته آمريڪا جي مستقبل ۾ پاڪستان سان لاڳاپن جو بنياد ڪهڙو هجڻ گهرجي ان جو جائزو ايندڙ هفتن ۾ ورتو ويندو. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ آمريڪا جو وڌيڪ نقصان ٿيڻ جا خطرا هيا، افغانستان ۾ وڌيڪ وقت گذارڻ سان جنگ جي خاتمي جي ڪا به گارنٽي نه هئي، آمريڪي شهرين جي سيڪيورٽي اسان جي ترجيح رهي آهي، مارچ کان آگسٽ تائين 19 پيغام ۽ ڌمڪيون جاري ڪيون ويون ته آمريڪي افغانستان مان نڪري وڃن. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ سفارتي مشن شروع ڪيو ويو آهي، اسان افغانستان ۾ موجود آمريڪي ۽ افغان شهرين جي مدد ڪندا رهنداسين، جيڪي آمريڪي ۽ ٻيا شهري افغانستان مان نڪرڻ چاهين ٿا انهن کي ڪڍيو ويندو. بلنڪن چيو ته طالبان چيو آهي ته افغان سرزمين شدت پسندن کي استعمال نه ڪرڻ ڏني ويندي، طالبان چيو آهي ته القاعده ۽ داعش افغان سرزمين استعمال نه ڪنديون، اسان خطي ۾ دهشتگردي جي خلاف ڪردار ادا ڪندا رهندا سين. هن ٻڌايو ته اشرف غني جي حڪومت کي اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو ته افغانستان جو ڀرپور دفاع ڪيو، چين چاهي پيو ته اسان افغانستان ۾ ڦاٿل رهون، ڪابل ايئرپورٽ تي ڪم جاري رهي ان معاملي تي ترڪي ۽ قطر سان رابطي ۾ آهيون.پاڪستان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو جائزو وٺنداسين، گذريل 20 سالن ۽ انکان اڳ به پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪردار رهيو، افغانستان جي مستقبل بابت پاڪستان جو لڳاتار خاص رويو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان طالبان ۽ حقانين کي پناهه ڏيڻ ۾ ملوث رهيو آهي. 03

واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان بابت هڪجهڙو  موقف رکن ٿا، ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن چاهين ٿا. پاڪستاني سفير آمريڪي اخبار کي انٽرويو ۾ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ماضي مان سبق سکيو وڃي، منهنجي نائين اليون جي متاثرن ۽ انهن جي وارثن سان همدردي آهي، پاڪستان به دهشتگردي خلاف جنگ ۾وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. پاڪستاني سفير چيو آهي ته حقيقتن مان خبر پئي ٿي ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، افغانستان ۾ هڪ حڪومت موجود آهي، عالمي برادري چاهي ته ان سان ڳالهه ٻولهه ڪري يا ان کي اڪيلو ڇڏي ڏئي، اسان طالبان حڪومت کي هن وقت تائين قبول ناهي ڪيو، اسان اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ نئين حڪومت عالمي برادري جي اميدن تي ڪيتري حد تائين پوري لهي ٿي. واضح رهي ته آمريڪا پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته اهو افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي ان وقت تائين قبول نه ڪري جيستائين طالبان عورتن کي حق نٿا ڏين ۽ افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمندن کي اهڙي اجازت نٿي ڏني وڃي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.