پريس گيلري بابت فيصلو پي آر اي سان مشاورت بعد ڪيو: اسد قيصر

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پريس گيلري بابت فيصلو پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پريس گيلري بابت جيڪو فيصلو ٿيو هو اهو پي آر اي سان صلاح مشوري سان ڪيو هو‏،اطلاع هئا ته گڏيل اجلاس ۾ ميڊيا گيلري مان گوڙ ٿيندو، نه پئي چاهيو ته اتي هُل ٿئي ۽ ميڊيا جا دوست پاڻ ۾ وڙهي پون، ٻئي پاسي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري اطلاعات ملڪ سعيد اعواڻ اسپيڪر سان ملاقات جي ترديد ڪندي چيو ته پي آر اي جي وفد اسپيڪر سان ملاقات ناهي ڪئي بلڪه جاچ ڪرائي وڃي ته اسپيڪر ڪهڙي وفد سان ملاقات ڪئي

دنيا شرط نه رکي، هاڻي حڪمران بڻجي ويا آهيون، حقيقت کي مڃڻو پوندو: طالبان

ڪابل(م ڊ) افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي چيو آهي ته طالبان حڪمران بڻجي چڪا آهن، آمريڪا وڏو  آهي ته دل به وڏي ڪري، ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آمريڪا 20 سالن جي ويڙهه دوران ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهيو، آئنده به ڪجهه حاصل نه ڪري سگهندو، انڪري وڏي دل ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪري ۽ افغانستان سان ظالماڻو رويو اختيار نه ڪري. هن چيو ته جن ملڪن افغانستان جي مدد ڪئي آهي، انهن جا ٿورائتا آهيون، جنيوا عالمي ڪانفرنس ۾ جن ملڪن مدد جو اعلان ڪيو آهي انهن جي به آجيان ڪريون ٿا، ملندڙ رقم افغان بئنڪ ذريعي مستحقين تائين پهچائي ويندي.امير خان متقي چيو ته حقيقتن کي تسليم ڪرڻو پوندو، طالبان هاڻي حڪمران بڻجي چڪا آهن، عالمي ملڪ تعصب ۽ بدنيتي تي ٻڌل پاليسي کان پاسو ڪن ۽ افغان حڪومت کي تسليم ڪن. هن چيو ته دنيا اسان جي سامهون شرط نه رکي، اسين سمورن افغانين جا نمائندا آهيون، حڪومت ۾ عورتن جي شموليت تي به غور ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.