سنڌ ۾ 3 لک معذور ٻارن لاءِ صرف 66 اسڪول، بجيٽ جو حساب ڪتاب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻه رڪني بئنچ سنڌ ۾ اسپيشل ٻارڙن  جي تعليم ڏيڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  عدالت ۾ تعليم کاتي سنڌ جو  اسپيشل سيڪريٽري پيش ٿيو .عدالت پڇاڻو ڪيو ته اسپيشل سيڪريٽري ڇاهوندو آهي .عدالت ۾ اسپيشل سيڪريٽري جواب ڏيندي چيو ته جيڪي ٻارڙا ڳالهائي ۽ ٻڌي نه سگهن انهن کي تعليم ڏني ويندي آهي. هن چيو ته بيوورآف اسٽيٽڪس جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ 3 لک اسپيشل( معذور)  ٻارآهن .3هزار653 ٻار مختلف 66 اسڪولن ۾ تعليم وٺي رهيا آهن .عدالت پڇاڻو ڪيو ته صرف 66 اسڪول ٻارڙن جي لاءِ ڪافي آهن .سيڪريٽري چيو ته صوبي ۾ 3 لک اسپيشل ٻارصرف رجسٽرد آهن ،عدالت چيو ته گذريل پنج سالن ۾ ڪيتري بجيٽ ملي۽ڪيترو ڪم ڪيو ويو، تفيصلي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي .عدالت ۾ اسپيشل سيڪريٽري تعليم کاتي چيو ته بجيٽ سڌي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن کي ڏني ويندي آهي .عدالت چيو ته پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌايو ته ڪڏهن اسڪولن جو وزٽ ڪيو آهي. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ،تعليم کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري کي اسڪولن جو دورو ڪري چئن هفتن ۾ ويڊيوز۽ تصويرن سان گڏ تفيصلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.