سنڌ ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن تي تحفا وٺڻ تي پابندي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي آفيسرن تي اجرڪ ۽ ٽوپي سميت ڪنهن به قسم جا تحفا وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

سنڌ جي تعليم کاتي جي حڪم نامي موجب سيڪريٽري اسڪولز ايجوڪيشن غلام اڪبر لغاري سڀني آفيسرن کي تحفا وصول ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي.

حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته آفيسرن پنهنجي ساٿين يا وزيٽرز کان اجرڪ، ٽوپي ۽ ٻئي قسم جا تحفا وصول نه ڪن.

حڪم نامي موجب ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.