سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سنڌ جون عورتون پنهنجي پيرن تي بيٺل هجن: تنزيلا قمبراڻي

 

عورت فائونڊيشن پاران عورت اسمبلي ميمبرن ،وڪيلن ۽ سماجي ڌرين جي ڪوٺايل ڊائلاگ پروگرام ۾ خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير جي آءِ ٽي بابت خاص مددگار تنزيلا قمبراڻي چيو ته سنڌ ۾ عورتن جي لاءِ جيڪي قانون موجود آهن اهڙا قانون باقي صوبن جون اسمبيليون اڃا تائين منظور نه ڪرائي سگهيون آهن ، ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل ڊائلاگ پروگرام ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سنڌ جون عورتون پنهنجي پيرن تي بيٺل هجن، اسان جي ڪوشش آهي ته سمورين عورتن کي انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ڄاڻ ڏيون، ان تي ڪم هلي پيو، ان موقعي تي  ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي رعنا انصار ،عورتن جي ڪميشن واري چيئرپرسن نزهت شيرين ، ايم پي اي منگلا شرما ، ايم پي اي غزالا سيال ، ايڊووڪيٽ ڊاڪٽر راڻا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي مهناز الرحمان، خواجا سرا ڪامي، ايم پي اي شاهانا، ملڪه خان، سائينا علي، مهوش ، ايم پي اي عديل ۽ ٻين پڻ ويچار ونڊيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.