فريدآباد ۾ واٽرسپلاءِ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ تي ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي ڌرڻو

فريدآباد ( ن ع آ  ) فريدآباد  ۾ 9 ڳوٺن جي  واٽرسپلاء  جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ۽ ڳوٺن ۾ ٽاڪيون ٺاھي نه ڏيڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن  ۽ شھرين ميھرڏيرو سڪندرعلي بروھي  پيرمحمد  ڏيرو غلام شبير ڪرٽيو محرم رند دين محمد ڏيرو ـ گلزار ڏيرو بشير ڏيرو ۽ ٻين ھٿن پلي ڪارڊ ۽ شيٽون کڻي سٽي گيٽ تائين 88 ڏينهن به  احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو ھنيو جنهن کي مٿين اڳواڻن  خطاب ڪندي چيو ته ڪروڙن جي واٽرسپلاء اسڪيم جو ڪم مڪمل ٿي ناھي سگھيو ـ ڪاڇي جي عوام پيئڻ جي پاڻي لاء سخت پريشان آھي ـ ڳوٺن ۾ ٽاڪيون ٺھي ناھن مليون ـ واٽرسپلاء جا پائيپ وڪرو ڪيا ويا آهن ـ جنهن ڪري ڪم رولھڙي جو شڪار آهي ـ ھنن پبلڪ ھيلٿ جي صوبائي وزير کان مطالبو ٿا ڪريون ته واٽرسپلاء  جو ڪم مڪمل ڪري پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو وڃي ـ ڳوٺن ۾ ٽاڪيون ٺاهي ڏنيون وڃن ـ ٻي صورت ۾ تحريڪ جاري رھندي ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.