اسڪولن ۾ بايو ميٽرڪ نظام جي لاڳو ٿيڻ بعد تعليم جو نظام پٺتي پيل

دڙو:سجاول ضلعي ۾بايو ميٽرڪ نظام جي لاڳو ٿيڻ بعد تعليم جي ميدان ۾ پٺتي پيل سجاول ضلعي کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، پري پري جي اسڪولن تي بدلي ٿيڻ ۽ نامناسب روين جي ڪري 450 کان 500 استاد رٽائرڊ ٿي چڪا آهن جڏھن ته 650 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند ٿي ويا آهن.سجاول جي 5 سيڪڙو اسڪولن ۾ به سموريون تعليمي سهولتون جهڙوڪ عمارت، فرنيچر، چوديواري راند جو ميدان ۽ ٻيون سهولتون مڪمل نه آهن. سجاول شهر جي سرڪاري پرائمري توڙي ھاء اسڪولن  ۾ شاگردن لاء صاف پاڻي موجود نه آهي ، فرنيچر ۽ ڪمرن جي کوٽ سبب ٻار فرش تي ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا. تعليم تي سموري ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم الف اعلان جي سروي مطابق پوري پاڪستان ۾ سجاول ضلعو آخري نمبر تي بيٺل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.