حيدرآباد ۾ مسوڀرڳڙي واسين جو بااثرن خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي مسوڀرڳڙي جي رهواسي زاهد حسين پٽ خادم حسين وگهيو پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ ڳوٺ جي بااثر ماڻهن جي ناجائزين خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن چيو ته هن 2 سال اڳ مسمات عذرا وگهيو ڌيءُ مظفر سان حيدرآباد ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، شادي بعد ڪيترائي ڀيرا گهرن تي حملا ڪيا ويا، جڏهن ته هاڻ تازو ڪجهه منهنجي گهر تي حملو ڪرايو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سندن 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا. هن چيو ته جهيڙي بعد هٽڙي ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل نه ڪيو آهي، هاڻ هو هٿياربند ساڻ ڪري اسان جي گهرن تي گهيرو ڪيو ويٺا آهن. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.