خيرپور عدالت حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي ناراض

خيرپور (  س ر  ) خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ۾ ٻٻرلوءِ ۾ سوئي گيس جي چوري جي هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري جنهن دوران عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي عدالت ڪيس جي مشيرن سوئي گيس سکر جي ڊپٽي مئنيجر رفيق احمد ولد غلام قادر ۽ سوئي گيس پريالوءِ اسٽيشن جي انچارج رياض احمد ولد حاجي محمد نواز ميمڻ خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪيس جي جاچ عملدار کي پڻ نوٽيس جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ٻي ٻڌڻي تي ڪيس ۾ هٿ آيل پراپرٽي عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.