جمال شاهه ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي، 30 ليٽر ڪچو شراب هٿ

جمال شاھ(ن ع آ)جمال شاھ پوليس ايس ايڇ او خالد سيال جي اڳواڻي ۾ گشت دوران اوٺا موري تان ھڪ جوابدار ماجد علي شاھ کي 30 ليٽر ڪچي شراب سميت گرفتاري جي دعوا ڪندي مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏھن ته رابطي ڪرڻ تي جمال شاھ ٿاڻي جي وڏي منشي ھارون رند ٻڌايو ته جوابدار ڳوٺ سيد يارل شاھ جو رھواسي آهي، جيڪو اوٺا موري تي ڪچو شراب وڪرو ڪرڻ آيو هو، جڏھن ته جمال شاھ پوليس پاران گشت دوران ايندڙ ويندڙ گاڏين جي چيڪنگ پڻ سخت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.