نوابشاهه ۾ حبيب بئنڪ جي انتظاميا خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج

نوابشاھ(ڊ ر) وزير اعظم پاڪستان عمران خان ملڪ جي غريبن ننڍن ملازمن کي آسان قسطن تي پنھنجو گھر تعمير ڪرائڻ لاءِ اعلانيل اسڪيم اپنا گھر اسڪيم بي گھر ماڻھن لاءِ حبيب بينڪ لميٽيڊ نوابشاھ انتظاميہ ڪرپشن جي ور چاڙھي ڇڏي آھي انھي سلسلي ۾ مذڪورھ اسڪيم  تحت حڪومت کي درخواست ڏيڻ بعد حڪومت پاران سندس اڪائونٽ ۾ ايندڙ 14 لک 60 ھزار روپيا اڃا تائين درخواست گذار کي نہ ملي سگھيا آھن مذڪورھ درخواست گذار پي ايم يو اسپتال نوابشاھ جي ھڪ غريب وارڊ بواءِ صدر الدين گورچاڻي نوابشاھ پريس ڪلب ٻاھران سخت احتجاج ڪندي دانھيو آھي تہ مون مسڪين ماڻھو سڄي عمر ايمانداري سان پنھنجي ڊيوٽي ڏني منھنجو خواب آھي تہ منھنجي ٻچن جي سِرن مٿان پنھنجي ڇِت ۽ گھر ھُجي پر ھوش بتال ڪندڙ مھانگائي ۾ مون لاءِ گھر وٺڻ اڄ ڏينھن تائين ممڪن نہ ٿي سگھيو. تازو جڏھن وزير اعظم عمران خان ملڪ جي غريب ۽ بي گھر ماڻھن لاءِ آسان قسطن تي اپنا گھر اسڪيم تحت گھر ٺھرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو تہ مون بہ 30 نومبر 2020 تي ان اسڪيم مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ حبيب بينڪ لميٽيڊ جي اسلامڪ بيڪنگ تحت درخواست ڏني سموريون گھرجون پوريون ڪيون ۽ نيٺ 7 مئي 2021 تي مونکي بينڪ پاران 14 لک 60 ھزار روپيا قرض منظور ٿي ملڻ جي آگاھي ڏني وئي ۽ مان جڏھن حبيب بينڪ لميٽيڊ جي نوابشاھ ۾ مارڪيٽ روڊ تي واقع برانچ ۾ پنھنجا منظور ٿيل پيسا ڪڍرائڻ ويس تہ پھرين سٽ ۾ مونکان ڪاغذن ۽ فائيل جي مد ۾ 5ھزار روپيا ۽ چالان وغيرھ جي مد ۾ 1 ھزار 80 روپيا ورتا ويا ۽ مونکي چيو ويو تہ اوھان ڪا بہ جڳھ خريد ڪيو تہ اسان توھان کي اوھان جا پيسا ڏنينداسين انھي دوران منھنجي ماھوار پگھار مان 20 ھزار روپيا ڪٽوتي ڪئي وئي ۽ مون مسڪين ۽ ننڍڙي ملازم کان قرض جي رقم ملڻ کان پھريان ئي تقريبن 30 ھزار روپيا اوڳاڙيا ويا ۽ منھنجي قرض منظور ٿيڻ کي 4 مھينا گذري وڃڻ باوجود مونکي ھڪ روپيو بہ نہ ڏنو ويو آھي مون مسڪين بينڪ انتظاميہ جي چوڻ تي قرض وٺي 18 لک روپين ۾ ھڪ جاءِ پڻ ورتي پر اڄ ڏينھن تائين حڪومت پاران منظور ٿيل ۽ منھنجي اڪائونٽ ۾ آيل قرض جي رقم 14 لک 60 ھزار روپيا مان مون غريب ماڻھن کي ھڪ روپيو بہ نہ ڏنو ويو آھي ھن چيو تہ مان ھڪ غريب ٻچڙيوال ننڍڙو سرڪاري ملازم آھيان ۽ بينڪ وارن مونکي تمام گھڻو ذھني عذاب ۽ پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي منھنجي ذھني حالت مونکي ھاڻ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور  ڪري رھي آھي ڇاڪاڻ تہ بينڪ انتظاميہ حڪومت پاران قرض منظور ڪرڻ باوجود مون مسڪين کي مختلف جواز سبب ۽ ڪاغذن جي فراھمي جو چئي رڳو چڪر ڪٽرائي رھي آھي صدر الدين گورچاڻي وزير اعظم عمران خان، نيب جي اعليٰ اختيارين، ايف آئي اي جي اعليٰ اختيارين ۽ آرمي چيف کان مطالبو ڪيو آھي تہ سندس منظور ٿيل قرض ۾ بلاجواز سبب ڄاڻائي کيس پريشان ڪندڙ حبيب بينڪ نوابشاھ جي انتظاميہ خلاف اعليٰ سطحي انڪوائري ڪرائي مونکي پنھنجو حق بنا دير ڏئي مونسان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ آئون نوابشاھ پريس ڪلب ٻاھران مرڻ گھڙي تائين پنھنجن ٻچڙن سميت بک ھڙتال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندس جنھن جي ذميواري ايڇ بي ايل بينڪ مارڪيٽ روڊ نوابشاھ جي انتظاميہ تي ھوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.