سکر لڳ پوليس مقابلو، 2 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سکر جي علائقي باگڙجي ويجھو سعيدآباد ۾ جاري آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، بدنام  زمانا ڌاڙيل پهلوان خروس ۽ الله ڏنو عرف لڏو خروس کي مارڻ جي دعويٰ، اسلحو برآمد، علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري. خبر موجب: ايس ايس پي سکر دعويٰ ڪئي آهي ته  سکر جي علائقي باگڙجي ۾ هلندڙ آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ بدنام زمانا ڌاڙيل پهلوان خروس جنهن تي 5 لک روپيا انعام هو  ۽ الله ڏنو عرف لڏو مارجي ويا آهن، ايس ايس پي موجب ٻنهي جوابدارن مٿان سکر سميت مختلف علائقن ۾ قتل، ڦرن سميت ڪيترا ئي ڪيس داخل هئا، جڏهن ته سندس ساٿين جي ڳولها لاءِ پوليس پاران علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.