ماٿيلي ۾ ڪمپني جي ٺيڪيدار ۽ پورهيتن ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ، ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: نصرالله گڏاڻي) فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني ميرپورماٿيلو خلاف مطالبن جي مڃتا لاءِ بيگنگ ۽ لوڊنگ جي مقامي سنڌي پورھيتن جي فيڪٽري گيٽ تي جاري احتجاجي ڪئمپ تي  گذريل ڏينھن صبح جو سوير 6 وڳي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن حملو ڪري پورھيت ميرمحمد گڏاڻي مٿان فائرنگ ڪئي، ان جي اڌ ڪلاڪ بعد ٺيڪيدار جي خاص ماڻھو ۽ اڳوڻي يونين اڳواڻ عبدالمجيد سميجو ۽ ٻين جي ڪئمپ تي پھچڻ بعد مظاھرين ۽ انھن وچ ۾ به جھيڙو پڻ ٿيو ۽ مبينا طور ڪئمپ پٽڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، جنھن تي سوين پورھيتن احتجاجي مظاھرو ڪري يونين جي صدر موج علي سميجو جي اڳواڻي ۾ فيڪٽري جي گيٽ آڏو ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي ھنن الزام ھڻندي چيو ته ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري انتظاميه بااثر ٺيڪيدار ميان رفيق جيڪو اڳوڻي ايم اين اي ميان مٺو جو پٽ آھي، ان جي معرفت حملو ۽ فائرنگ ڪرائي حراسان ڪرڻ گھري ٿي ۽ ھو احتجاجي ڪئمپ پٽرائڻ چاھن ٿا، ھنن چيو ته حملو ۽ فائرنگ ٺيڪيدار ميان رفيق جي خاص ماڻھن مجيد سميجو، عالم خان سميجو، عنايت ۽ ھدايت سميجو ڪئي آھي، ھنن وسوارن کان فيڪٽري جي آر ايم ۽ ٺيڪيدار سميت ملوث ٻين جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل عبدالمجيد سميجو ۽ سندس ساٿين ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي پاڻ مٿان لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته نه اسان فائرنگ ڪرائي آھي ۽ نه ئي اسان ڪئمپ پٽڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ھنن چيو ته کين خبر ناھي ته ڄاڻايل فائرنگ فيڪٽري انتظاميه ڪرائي آھي يا ڪنھن ٻئي، ان جي ڀلي جاچ ٿيڻ گھرجي، ٻي طرف ايف ايف سي انتظاميه پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ ڄاڻايو آھي ته ڄاڻايل پورھيت سندن جا نه پر ٺيڪيدار جا ملازم آھن،  ٺيڪيدار ۽ مزدورن وچ ۾ ذاتي جھيڙو آھي، جيڪڏھن ڪا فائرنگ وغيرہ ٿي آھي ته ان سان فيڪٽري انتظاميه جو ڪو تعلق ناھي،ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو عبدالوحيد ڀٽو عوامي آواز کي ٻڌايو ته پورھيتن مٿان فائرنگ بابت جاچ ڪيون پيا، جلد معاملي جي تھه تائين پھچنداسون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.