روهڙي لڳ ڪٻاڙ جي دڪان تي ڇاپو، سرڪاري لوهه هٿ

سکر (رپورٽر ) ريلوي پوليس روهڙي لڳ علي واهڻ باءِ پاس  واري علائقي ۾ ڪٻاڙ جي دڪان تي ڇاپو هڻي وڏي تعداد ۾ سرڪاري لوهه هٿ ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ريلوي پوليس پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روهڙي ريلوي ٿاڻي جي ايس ايڇ او الطاف حسين جي اڳواڻي ۾ ڇاپو هڻي ٽرڪ ۾ لوهه لوڊ ڪرڻ دوران 22 عدد ريلوي جون لائينون، 120 بلٽ، 40 پنون، 74 لوهه جا ڪوڪا، 28 چاٻيون، 7 پليٽ جوڙ، 5 پليٽ ڪٽ، 27 اينڪر پليٽ، 6 فش پليٽون، 5 ٽي بار، 11 بيئرنگ پليٽ هڪ اسپيشل سليپر، هڪ سي ايس ٽي سليپر، 3 اسڪرو ڪلپ، 9 بريڪٽ، 2 فلوٽنگ ليور، 50 بريڪ شو، 40 ڄاٻيون، بريڪ بلاڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪيو ويو آهي، ڪاروائي دوران ڪٻاڙي ٽرڪ ۾ سامان ڀرائي پنجاب طرف موڪلي رهيو هو ته ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪري ريلوي جو سرڪاري لوهه هٿ ڪيو آهي. ڪاروائي دوران ڪٻاڙي سميت ٻن ڄڻن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.