ڪراچي ۾ تيزاب هاري زخمي ڪيل ٽڪ ٽاڪر ناري فوت

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ اڳوڻي مڙس جي هٿان تيزاب حملي  ۾ زخمي ٿيل ٽڪ ٽاڪر ناري علاج دوران اسپتال  ۾ فوت ٿي وئي.پوليس موجب بلديه ٽائون جي علائقي سعيدآباد ۾ گذريل مهيني تيزاب حملي ۾ زخمي ٿيندڙ عورت سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي. 21 ساله مقتوله رمشا تي ان جي  اڳوڻي مڙس ذيشان تيزاب اڇليو هو. مقتوله 23 ڏينهن سول اسپتال ۾ علاج هيٺ رهي. جوابدار ذيشان واردات کان پوءِ فرار ٿي ويو هو جنهن کي بعد ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو هو.رمشا ۽ جوابدار ذيشان ٽڪ ٽاڪر به هئا. واقعي جو ڪيس مقتوله جي ئي مدعيت ۾ سعيدآباد ٿاڻي ۾ داخل ٿيل آهي. مقتوله جي والد چيو آهي ته ذيشان سان رمشا 2 سال اڳ ڪورٽ ميرج ڪئي هئي پر گذريل سال ذيشان کيس زباني طلاق ڏني هئي جنهن کان پوءِ رمشا پنهنجي والدين جي گهر اچي وئي هئي. طلاق کان پوءِ جوابدار ذيشان رمشا کي هراسان ڪندو رهيو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ان مٿان تيزاب سان حملو ڪيو هو. ٽڪ ٽاڪر ناري جي علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿيڻ واري رپورٽ وڪيل پاران عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. درخواستگذار جي وڪيل امرت ڪمار چيو ته مقتوله بزنس وارڊ ۾ وينٽي ليٽر تي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.