پي ڊي ايم سان پ پ دوکو ڪيو : راشد سومرو

مٽياري (ن ع آ) جمعيت علماءَ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو مٽياري لڳ کنڊو ۾ جي يو آءِ اڳواڻ سليم سنڌي  سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم عوام کي نئون شعور ڏنو آهي، پي ڊي ايم جي تحريڪ جاري آهي، عمران خان جي حڪومت وڌيڪ رهي ته ملڪ ۾ وڌيڪ بحران پيدا ٿيندا، موجوده حڪومتن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، علامه راشد سومرو چيو ته پيپلز پارٽي ملڪي توڙي صوبائي سطح تي پنهنجي مقبوليت وڃائي چڪي آهي، پ پ گهر جون سيٽون به بچائي نه سگهندي، بلاول ۽ زرداري پي ڊي ايم سان دوکو ڪيو، جيڪو سندن فطرت ۾ آھي، هن چيو ته بلاول ڀٽو کي ايندڙ اليڪشن  ۾ ڀرپور شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو، راشد سومرو چيو ته سنڌ ۾ جمعيت علماءَ اسلام جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو آھي جي يو آءِ کي عوام متبادل طور ڏسي ٿو، ان موقعي تي جي يو آءِ انصارالاسلام جو مرڪزي نائب سالار سليم سنڌي ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.