ڏهين ۽ ٻارهين جماعت جا سمورا شاگرد پاس ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڏهين ۽ ٻارهين جماعت  جي شاگردن کي امتحان وٺڻ بنا پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪري  ڇڏيو، اسلام آباد ۾ تعليم ۽ فني تربيت بابت وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ تعليم جي صوبائي وزيرن جي هڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ذريعن موجب حڪومت 10 هين ۽ 12 هين جماعت جي سمورن شاگردن کي پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب فيل شاگردن کي به رعايتي 33 مارڪون ڏيئي پاس ڪيو ويندو، ذريعن موجب ڪانفرنس ۾ تعليم وارن وزيرن اهو فيصلو ڪيو ته ڪرونا وائرس جي ڪري ٻيهر فوري امتحان وٺڻ ممڪن نه آهي، جيتوڻيڪ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان سال ۾ ٻه ڀيرا ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.