ڪراچي ۾ سوئي گئس مان برطرف ملازمن جي بحالي لاءِ ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾سوئي سدرن گئس ۽ مختلف وفاقي کاتن مان 17000 ملازمن جي جبري برطرفي گذريل ڏينهن پريس ڪلب  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي برطرف ملازمن سهيل عالم خان، عبدالمالڪ جمالي، اڪبر خان ۽ ٻين چيو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آڙ ۾ 17 هزار ملازمن کي برطرف ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته اسان پنهنجي سڄي عمر هن سان ڪم ڪندي گذاري آهي ۽ عمر جي هن حصي ۾ بيروزگار ڪري اسان جي گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته آرڊيننس 2010ع فورن بحال ڪري هزارين ملازمن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي، انهن وڌيڪ چيو ته تبديلي سرڪار روزگار ڏيڻ بدران ڪيترن ئي ماڻهن کي روزگار کان محروم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته وفاقي حڪومت قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي هزارين ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪريون ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نطرثاني ڪري برطرف ملازمن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.