ڪانتا ڪماري قتل ڪيس جو چالان پيش

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾ لياري جي ڪانتا ڪماري قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس پاران ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو آهي، چالان جي متن موجب 4 فيبروري 2021ع تي ڪانتاڪماري جي شادي آنند سان ٿي. شادي جي 6 يا 7 مهنيي کان پوءِ سندس مڙس هڪ دفعو مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جڏهن ته  5 جون جو آنند ڪانتا ڪماري جي ڀاءُ کي فون ڪري چيو ته اوهان جي ڀيڻ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. مقتولڻ جي قبرڪشائي کانپوءِ ٻيهر پوسٽ مارٽم ٿيو جنهن ۾ معلوم ٿيو ته قتل ڪيو ويو آهي، ان ڪري ڪيس ۾ قتل جي دفعه شامل ڪئي وڃي. ڪيس ۾ مقتولڻ جو مڙس گرفتار آهي ۽ عدالتي رمانڊ تي آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.