پ پ ڪراچي ۾ سڀ کان وڏي سياسي پارٽي بڻجي وئي آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) اطلاعات ۽ پورهئي واري صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته ووٽن جي اعتبار کان  پيپلزپارٽي ڪينٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ ڪراچي ۾ سڀ کان وڏي سياسي پارٽي بڻجي وئي آهي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي 6 ڪينٽونمينٽ ۾ 39 اميدوارن مجموعي طور تي 22 هزار 135 کان وڌيڪ ووٽ کنيا جڏهن ته ٻئي نمبر تي پي ٽي آءِ جي 42 اميدوارن 19 هزار 483 ووٽ ،جماعت اسلامي 16 هزار 422 جڏهن ته ڪراچي جي دعويدار ايم ڪيو ايم فقط 10 هزار 790 ووٽ کڻي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.