حيدرآباد ۾ فريدآباد واسي جو بااثر خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ميهڙ تعلقي جي شهر فريد آباد جي ڳوٺ حمزو خان چانڊيو جي رهواسي غلام عباس چانڊيو علائقي جي بااثر ماڻهن خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي الزام هنيو ته يوسي حمل جو اڳوڻو چيئرمين عبدالرزاق چانڊيو، ڊي ايس پي وارهه جو پاڻ کي ريڊر سڏرائي ٿو ۽ کيس مختلف فون نمبرن تان حراسا ڪري پئسن جي گهر ڪري رهيو آهي ۽ نواب سردار کي مون خلاف غلط گائيڊ ڪري سخت پريشان ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هو بااثر آهي، هينئر به پنهنجن ماڻهن ذريعي اسان جي گهرن مٿان حملا ڪري رهيو آهي، جيڪو وڏو ظلم ۽ ناانصافي آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.