لاڙڪاڻي ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ريل جي آمدو رفت بند، خلق پريشان، احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني، شاهو ٻوراهو، ٻچو ٻوراهو، الهه آباد، خدا آباد ۽ ٻين پاڙن جي رهواسين پاران بولان ميل ۽ خوشحال خان خٽڪ ٽرينن جي بحاليءَ لاءِ لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪندي جناح باغ چوڪ پهتي، جتي شهرين هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي بعد ۾ شهرين پريس ڪلب اڳيان به احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي يونين ڪاميٽي 7 وارڊ 3 جي اڳوڻي ڪائونسلر سيد امداد شاهه، محمد ابراهيم بلوچ، غازي خان بلوچ، غلام سرور بلوچ، شير خان بلوچ، غلام شبير بلوچ، لالا اقبال بلوچ، صدام حسين جتوئي، خالد حسين ميراڻي ۽ ٻين چيو ته ريلوي کاتي طرفان گذريل سال 30 اپريل کان بولان ميل ۽ خوشحال خان ٽرينن جي آمد رفت بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ڏيڍ سال عرصو گذري ويو پر هن وقت تائين ٻئي ٽرينون بحال نه ٿي سگهيون جنهن ڪري لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن ويرانيءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. هنن چيو ته ٽرينن جي آمد رفت بند ٿيڻ جي ڪري ڪُولي، اسٽامپ وينڊر توڙي اتي شيون وڪرو ڪندڙ ڪيترائي پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن ته ٻئي پاسي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي هن دور ۾ غريب طبقو سستي سفر کان محروم ٿي ويو آهي. هنن چيو ته ٽرانسپورٽرن طرفان لاڙڪاڻي کان ڪراچي تائين 1500 روپيه ڪرايو وصول ڪرڻ سان گڏ 5 ڪلاڪن جي سفر کي 8 ڪلاڪن ۾ طئي ڪندا آهن ۽ منزل تائين پهچڻ تي به غريبن جا وڏيڪ هزارين روپيا خرچ ٿيندا آهن. وفاقي وزير اعظم سواتي، سيڪريٽري ۽ چيئرمين پاڪستان ريلوي، ڊي ايس ريلوي سکر ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته بولان ميل ۽ خوشحال خان خٽڪ ٽرينون ٻيهر هلائي عوام کي سستي سفر جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.