استادن جي ڀرتين لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ ۽ ميرٽ جو سوال!

تحرير؛ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

سنڌ حڪومت طرفان هلندڙ مهيني جي وچ وارين تاريخن يعني 14 سيپٽمبر کانپوءِ پوري صوبي جي مختلف ضلعن ۽ ڊويزنل هيڊڪوارٽرن اندر پهريان جي ايس ٽي جي ٽيسٽ ۽ پوءِ وري ٻئي مرحلي ۾ پي ايس ٽي جي ٽيسٽ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي، گڏوگڏ اميدوارن کي سلپون پڻ جاري ٿي چُڪيون آهن. ڄاڻايل ٽيسٽ مرحليوار ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن به سنڌ حڪومت طرفان ڏنو ويو آهي. سال 2018ع کانپوءِ جتي هزارين ماسترين جون جايون خالي ٻڌايون پيون وڃن، تن جي لکت واري ٽيسٽ سيبا ٽيسٽنگ سروس پاران ورتي پئي وڃي، جاري ڪيل سلپن ۾ ڪجهه سخت هدايتون به جاري ٿيل آهن.

مجموعي طور تي آيل رپورٽن موجب ۽ سنڌ حڪومت جي مختلف وقتن تي ٿيل اعلانن مطابق هن وقت تائين هزارن جي تعداد ۾ ماستري جون نوڪريون خالي پيل آهن ۽ اِهي به اعلان ٻڌا ويا ته اهي ڀرتيون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وينديون، گڏوگڏ سنڌ حڪومت اڳ وانگر اِها پاليسي به واضح ڪري چُڪي آهي ته ڀرتيون يونين ڪائونسل سطح تي ٿينديون ۽ اها به وضاحت ٿي چُڪي آهي ته انهي يونين ڪائونسل سطح وارين ڀرتين ۾ نه رڳو ٽيسٽ ۾ حاصل ڪيل وڌيڪ مارڪن تي غور ڪيو ويندو پر گڏوگڏ ميٽرڪ کان وٺي ماسٽر يا گريجوئيٽ جي ڊگرين ۾ حاصل ڪيل ٽاپ گريڊ کي ائين اوليت ڏني ويندي جيئن اڳ ڪيل ڀرتين ۾ ميرٽ ڪئي وئي هئي.

ويجهي ماضي ۾ به ڀرتيون ڪيون ويون ۽ ساڳيا ئي اعلان، نوٽيفڪيشن، سخت هديتون به جاري ٿيون هيون ۽ تقريبن پاليسي به ساڳي ئي هئي ته يوسي سطح تي پرائمري ماستري جون ڀرتيون ٿينديون، شايد سال 2012ع جي جون واري مهيني ۾ اهڙي قسم جو اشتهار مختلف اخبارن ۾ ڏئي لکين هزارين درخواستون به وصول ڪيون ويون ۽ اهڙي ٽيسٽ سال 2013ع ۾ نيشنل ٽيسٽنگ سروس (NTS) جي معرفت ورتي وئي، انهيءَ ٽيسٽ اندر ڪشمور ضلعي کان ڪراچي تائين جيڪا ڀينگ ڪئي وئي، تنهن ناانصافي ۾ حيدرآباد ضلعي جي يونين ڪائونسل هوسڙي جو ته آئون خود گواهه آهيان.

مون کي ذاتي طور تي ڄاڻ آهي ته سال 2013ع وارين ڀرتين ۾ تاريخي ميرٽ جي لتاڙ ٿي هُئي ۽ وڏي انگ آئيني پٽيشنون به مختلف هاءِ ڪورٽن ۾ داخل ٿيون هيون، جيڪي گهڻي ڀاڱي اڄ سوڌو التويٰ هيٺ آهن. ڇو ته انهن آئيني پٽيشن ۾ انهن عملدارن کي ڌر بڻايو ويندو آهي جن پاران ڪامياب اميدوارن جو حق کسي ڏوڪڙن عيوض ٻين حوالي ڪيو ويو ۽ اُها ڌر ڄاڻايل عملدار انهن اميدوار سان ائين ٽال مٽول ڪندا رهندا آهن، جيئن هوسڙي واسڻ نياڻي جي آئيني پٽيشن ۾ ڌر ڄاڻايل عملدارن پاران اڄ سوڌو لنوايو پيو وڃي. سال 2013ع جي تاريخي ميرٽ جي لتاڙ کانپوءِ ٻيهر سنڌ حڪومت سال 2017-2018 ۾ اهڙيون ئي ڀرتيون ڪيون ۽ اعلان به ڪيا پر انهيءَ سال جي ٽيسٽن ۾ آيل نتيجي کانپوءِ سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جو ڪارنامو اُهو ئي رهيو، جيڪو پڻ سال 2013ع ۾ ڪيو ويو، ايستائين جو هزارين اميدوارن جي نتيجن ۾ ردوبدل ڪري پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪيا. وقت سان گڏ نتيجو اِتي وڃي پهتو جو انهن ڪامياب اميدوارن کي ناڪامي نصيب ٿي ۽ ناڪام ۽ نااهل ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو، جنهن بعد اڄ سوڌو اُهي ڪامياب اميدوار ائين هاءِ ڪورٽ جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن.

جيئن ڪجهه ڏينهن پهريان سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ٽيسٽ پاس 170 اميدوارن پاران پنهنجي وڪيل معرفت آئيني پٽيشن داخل ڪرائيندي دانهيو آهي ته ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ به نوڪري نه ٿي ڏني وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي جسٽس صلاح الدين پنهور ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايجوڪيشن سيڪريٽري ۽ ٻين عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته اسان هڪ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا ٽيسٽ پاس اميدوارن جو موقف ٻڌندي، جيڪڏهن موقف درست هوندو ته ان کي مڃيو ويندو، سيڪريٽري صاحب ڳالهه ڏاڍي وڏي ڪري ڇڏي آهي، خدا ڪري موقف ٻڌي انهن مسڪينن جي اولاد تي رحم جي نظر ڪندي سندن حق ڏنو وڃي پر آئون ته سنڌ حڪومت توڙي جو لاڳاپيل تعليم کاتو يا وري سندن عملدار هجن تن جا عمل ته طويل عرصي سان گڏوگڏ سال 2013ع کان هن وقت تائين جيڪي ڀرتيون ڪيون ويون آهن، تن جا نتيجا ۽ دعويٰ ڪيل ميرٽ وارا قدم سڀني جي سامهون آهن.

مجموعي طور ڏسجي ته گذريل مختلف وقتن تي جيڪي به ڀرتيون ٿيون آهن سي نه رڳو سفارش پر اڪثر طور آڱوٺي ڇاپ ماڻهن کي نوازيو ويو آهي، اڄ تعليم جو ٻيڙو انهيءَ ڪري ٻڏل آهي جو اصل اهل پڙهيل لکيل ۽ ايماندار ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ بدران سنڌ حڪومت ۽ تعليمي کاتي ڳٺجوڙ ڪري هٿ وٺي پوري صوبي جي تعليم تباهه ڪئي آهي، اڄ صوبائي وزير تعليم پنهنجي ئي بيان ۾ چئي رهيو آهي ته استادن پنهنجو وقار پاڻ ڪيرايو آهي، جيئن اسان سياستدانن وري سياست سان ساڳيو حشر ڪيو آهي. صوبائي وزير تعليم سردار شاهه جي ڳالهه سان متفق به آهيان ۽ اختلاف به رکندس، ڇو ته شاهه صاحب اڳ به استاد صاحبان کي مجموعي اڻ وڻندڙ لقب ڏئي چُڪا آهن. اسان جي مهذب معاشري ۾ اُهي استاد سڀ هڪجهڙا هرگز ڪونه آهن، ڇو ته جيئن پنج آڱريون برابر نه آهن. جيئن پوري ملڪ جي ٻين کاتن ۾ نااهل ماڻهو موجود هجن ٿا، تهڙي طرح خود استادن کي اڻ وڻندڙ لقب ڏيندڙ جيڪو خود پاڻ تعليم جو وزير هوندي به اهڙيون ڳالهيون ڪندو ته عام ماڻهو جو تاثر ڇا هوندو. جيڪڏهن شاهه صاحب جي چوڻي موجب استادن پنهنجو معيار پاڻ ڪيرايو آهي، گهڻي ڀاڱي اِهي اشارا انهن استادن ڏانهن وڃي رهيا آهن جيڪي استاد پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق جو استعمال ڪندي استاد يونين ٺاهي سندن فلاح ۽ بهبود توڙي حقن جو آواز بلند ڪن ٿا، باقي ان ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ئي ناهي جو ايجوڪيشن کاتي ۾ نه رڳو استاد پر کاتي جي آفيسن اندر جيڪي نااهل ۽ ناقابل ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن تن جو تعداد ته ڳڻڻ جي حد ۾ ئي ڪونه آهي. ايستائين جو اڄ سوڌو اهڙيون ڀرتيون به ڪيون ويون آهن، جن ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن کي خبر ئي ناهي ته سندن اُن جي نالي تي ماهوار پگهارون جاري آهن.

تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه جي سياسي ساک سان سهمت ڪريان ٿو پر اهو سوال به اُڀري رهيو آهي ته سال 2013ع کان هن وقت تائين سنڌ حڪومت جون واڳون ڪنهن وٽ رهيون آهن، اوهان استادن مٿان آڱريون کڻڻ کان پهريان انهيءَ لسٽن کي ته چيڪ ڪرايو ته اوهان جي کاتي ۾ ڪيتريون ڀرتيون ڪيون ويون آهن ۽ گڏوگڏ اِهو به چيڪ ۽ بئلينس رکرايو ته توهان جي آفيس ۾ مختلف هاءِ ڪورٽن جا ڪيترا نوٽيس ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پهتا آهن. شاهه صاحب جي ڳالهه واضح سچ جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيڪڏهن سياستدانن جي سياست جو حشر خراب نه هجي ها ته شايد ٻين کاتن جيان تعليم کاتي جي ڀينگ به هرگز ڪونه ٿئي ها، ڇو ته گذريل مختلف وقتن تي جيڪي به ڀرتيون ڪيون ويون آهن ۽ جتي ميرٽ جا هاڃا ٿيا آهن تن ۾ مڪمل طور ڪردار تعليم کاتي سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت جو به آهي.

سيد سردار شاهه کان اڳ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني صاحب تعليم جي بهتري لاءِ جيڪي ٻيون پاليسيون جوڙيون، گڏوگڏ هن پاران بائيو ميٽرڪ سسٽم کي جيڪو متعارف ڪرايو ۽ ڪجهه وقت لاءِ جيڪي سختيون به ڪيون ويون تن عملن سان جيڪي گوسڙو استاد هُئا تن ۾ سڌارو ضرور آيو پر وري جڏهن انهن گوسڙو ملازمن جون پگهارون يعني آءِ ڊيز وغيره بلاڪ ڪرايون ويون ته پوءِ انهن آءِ ڊيز کولرائڻ ۾ به انهن سياسي ڀوتارن ۽ تعليم کاتي جي عملدارن جو مک ڪردار رهيو آهي، جيڪو اڄ استادن جي شان کي انهن نااهل ملازمن سان ملايو پيو وڃي، حالانڪه اڄ به اسان وٽ نه رڳو قابل ترين پر پابندي ۽ ايمانداري سان پڙهائيندڙ استاد موجود آهن، جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا. پاڻ جيڪڏهن انهن اسڪولن جو ذڪر ڪريون جن بابت روزانو ميڊيا ذريعي ڏسون ٿا ته ڪٿي دادو ته وري ڪٿي شڪارپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ مختلف هنڌن تي ٺاهيل اسڪولي عمارتن ۾ جانورن جا واڙا يا وري ڀوتارن جون اوطاقون ايتري تائين جو ٻهراڙي ۾ ته اهڙن هنڌن تي سياسي ماڻهن اسڪولن جون عمارتون ٺهرايون آهن، جن کي ڏسندي شرم سان ته ڪنڌ ئي نوڙي ويندو آهي ته آخر اهڙي هنڌ تي عمارت ڇو ٺهرائي وئي، آخر انهي عمارت تي به لکين روپيا بجيٽ مان ڪڍيا ويا هوندا.

اڄ عام ماڻهو يا اميدوار جو موقف هر وقت اهو ٻڌو پيو وڃي ته سنڌ حڪومت توڙي جو تعليم کاتو ڪيتريون به ميرٽ جون دعوائون ڪري، ڀرتين ۾ اهو ئي ٿيڻو آهي جيڪو ماضي ۾ ٿيو هو، ڇو ته اڃا ٽيسٽ ٿي به ڪونه آهي، ڳچ عرصي کان وٺي پوري صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ويڪائو ماڻهو ڏوڪڙن جون آڇون ڏئي اميدوارن کي خوب خواب ڏيکاري رهيا آهن ۽ پرائمري يا جي ايس ٽي نوڪري جا ريٽ به مقرر ڪرڻ جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هن ڀيري به هي ٽيسٽون سڀ ڍونگ جو نالو آهي، نوڪري صرف ڏوڪڙ ۽ سفارش تي ملندي ته پوءِ منهنجو خيال آهي ته سنڌ حڪومت کي وقت کان اڳ سوچڻ جي ضرورت آهي ۽ گڏوگڏ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به وقت کان اڳ ٿيندڙ ڀرتين بابت ڪڙي نظر رکڻ جي سخت ضرورت آهي، جهڙي طرح هو ميرٽ ۽ انصاف جون تقاضائون پوريون ڪرڻ جون دعوائون ڪن ٿا، تهڙي طرح ماضي جي ابتڙ هن ڀيري ٿيندڙ ڀرتين کي صاف ۽ شفاف نموني نڀائي سنڌ جي ماڻهن سان واعدو وفا ڪري سرخرو ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪي عمل ايندڙ اليڪشن ۾ سندن مددگار ٿي سامهون ايندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.