عوام بُکون ڪاٽڻ لڳو، پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ وري واڌ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري تي ڪابينا فيصلو ڪندي، پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي سمري تيار ڪئي وئي آهي.

وفاقي ڪابينا نئين چنڊ ڏسڻي ڪميٽي لاءِ قانون سازي جي منظوري ڏيندي، جڏهن ته هيوي ڪمرشل گاڏين تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽيز گهٽ ڪرڻ جي منظوري به ڏني ويندي.

ڪابينا اجلاس ۾ 14 آگسٽ 2021 تي ايف بي آر ڊيٽا تي سائبر حملي کي ڏسندي آپريشنل ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي منظوري به ڏني ويندي، جڏهن ته ڪابينا پئنل سرچارج جي خاتمي، نادرا ميمبرن جي مقرري، قائداعظم فائونڊيشن ايڪٽ 2021 جي به منظوري ڏيندي، گڏوگڏ اقتصادي رابطا ڪميٽي اجلاس جي فيصلن جي منظوري به ڏني ويندي.

وفاقي ڪابينا ديامير ڀاشا ڊولپمينٽ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏيندي ۽ قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي اجلاس جي فيصلن جي منظوري به ڪابينا ايجنڊا ۾ شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.