حڪومت جو ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن لاءِ وڏو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن بابت وڏو فيصلو ڪري ورتو.

تعليم بابت وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ ڪورونا سبب تعليمي ادارن ۾ سرگرمين تي پوندڙ اثرن ۽ امتحانن جي حوالي سان پڻ غور ويچار ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڏهين ۽ ٻارهين جماعت جي شاگردن کي پاس ڪيو ويندو، فيل ٿيندڙ شاگردن کي رعايتي 33 نمبر ڏئي پاس ڪيو ويندو.

ذريعن ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ اها تجويز سامهون آئي ته ڪورونا صورتحال سبب ٻيهر تڪڙي امتحان وٺڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري شاگردن کي پاس ڪيو وڃي.

ڪانفرنس جي فيصلن موجب ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان سال ۾ ٻه ڀيرا ٿيندا ۽ انهن امتحانن کي سپليمينٽري امتحانن جو نالو نه ڏنو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال ميٽرڪ جا امتحان مئي، جون ۽ ٿيندا ۽ ايندڙ سال نئون سيشن آگسٽ کان شروع ٿيندو.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 67 ڄڻا فوت ٿيڻ سان گڏوگڏ 2 هزار 988 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.