ڪوهستان واسين پاران زمينن تي والار خلاف جدوجهد جو فيصلو

جهمپير ( ن ع آ) ڪوھستان جي سياسي، سماجي، سڄاڻ ڌرين سميت مقامي رھواسين پاران ڪلو ندي تي تڪراري ريتي دڪي جي خاتمي، ڪوھستاني پٽي ۾ ڌارين آبادڪاري، زمينن تي ٿيندڙ غيرقانوني والار، ضلعن جي حدبندي، مقامي ماڻھن کي روزگار نہ ملڻ، ٺٽو وايا ُجھمپير روڊ جي نئي سر تعمير سميت بند ٿيل سڪول کولرائي تدريسي عمل کي جاري ڪرائي گيلو پالاري جي قتل جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائڻ لاء گڏيل جدوجھد تي اتفاق ڪندي مرحليوار تحريڪ جو آغاز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، اھڙو فيصلو ڪوھستان راڄوڻي اتحاد ۽ ڪوھستان بچايو ڪميٽي جي جھمپير لڳ نظر پالاري فارم تي ڊاڪٽر لکمير خان پالاري جي صدارت ۾ منعقد ڪيل گڏيل اجلاس ۾ گڏ ٿيل ڪوھستان واسين پاران ڪيو ويو. منعقد ڪيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪوھستان راڄوڻي اتحاد ۽ ڪوھستان بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر لکمير خان پالاري، محمد بخش بروھي، ڊاڪٽر امتياز پالاري، شاھ محمد چانگ، انور پالاري، علي کوسو، حاجي محمد حسين پالاري، عبدالحميد پالاري، عبدالرحمن چانگ، اڪبر شورو ۽ ٻين چيو تہ ھڪ طرف ڪوھستاني پٽي ۾ ڌارين جي آبادڪاري وڌي رھي آھي تہ ٻئي طرف ڪوھستان جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي والارون ڪري ڪوھستان واسين کي بيدخل ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. ڪوھستاني پٽي ۾ وڏي تعداد ۾ ونڊ پراجيڪٽ لڳڻ باوجود مقامي ماڻھن کي روزگار سميت ڪابہ بنيادي سھوليت ميسر ناھي، ٺٽو کان وايا جھمپير روڊ جي سالن کان مرمت نہ ٿيڻ ڪري روڊ مڪمل ٽٽي تباھ ۽ برباد ٿي ويو آھي، ٻنھي ضلعن جي حدبندين واري معاملي کي حل ڪرڻ سان گڏ  ڪوھستان واسين کي سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪرڻ سميت ٺٽو وايا جھمپير روڊ جي نئي سر تعمير ڪرائي ڪوھستاني پٽي ۾ بند ٿيل سمورا اسڪول کولرائي تدريسي عمل کي جاري ڪري استادن ۽ عملي جي کوٽ کي پورو ڪري زبون حال بلڊنگس جي مرمت ڪرائي فرنيچر جي کوٽ کي ختم ڪرڻ سميت ڪوھستان واسين کي صحت، تعليم، روزگار، بجلي، سوئي گئس، روڊ، رستي، صاف پاڻي سميت سموريون گھربل بنيادي سھولتون مھيا ڪري گيلو پالاري قتل جي شفاف جانچ ڪرائي انھن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ سمورن مسئلن جي حل لاء عدالت ۾ وڃڻ سان گڏ مرحليوار تحريڪ جو آغاز ڪري 10 آڪٽوہر تي مسئلن جي حل لاء جھمپير شھر ۾ احتجاجي مظاھرو ڪرڻ سان گڏ سمورن مسئلن جي حل تائين جدوجھد کي جاري رکيو ويندو.

ڊکڻ ۾صحافي هزار خان چانڊيو جي ورسي تقريب، ڀيٽا پيش

ڊکڻ (ن ع آ)  ڊکڻ جي پريس ڪلب جي ۽ صحافي،ليکڪ ۽ شاعر هزار خان چانڊيو جي چوٿين ورسي پريس ڪلب ڊکڻ پاران  گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ڊکڻ ۾ ملهائي وئي،جڏهن ته ورسي تقريب ۾ لاڙڪاڻو،ڪنڌڪوٽ،تنگواڻي،ٺل،مبارڪپور،باقراڻي،رتوديرو،شڪارپور،ڳڙهيياسين،ڳيريلو،مديجي،ڊکڻ،نئونديرو،خانپور،ميان صاحب،ميرپورٻرڙو،مرزاپور،سمندر خان گوپانگ شهرن جي  صحافين ،شاعرن ،اديبن ،استادن ،سياسي،سماجي، مذهبي تنظيمن سميت مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي،جڏهن ته ورسي تقريب کي خطاب ڪندي يونين آف جرنلسٽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر سرڪش سڌايو چيو ته هزار خان چانڊيو صحافتي سٿ جو بيباڪ ۽ بهادر ساٿي هو،هن تمام ڏکين حالتن ۾ صحافتي ذميواريون ڀرپور نموني نڀايون،هو ڪڏهن به نه جهڪيو،هزار خان چانڊيو مزاحمتي ڪردار جو مالڪ هو،هو سدائين غريبن ۽ مظلومن سان بيٺل رهيو،،نامور قانوندان شاهد حسين سومرو چيو ته هزار خان چانڊيو صحافتي دنيا جو وڏو نالو هو،هو هڪ بهترين انسان دوست هو،جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو،هزار خان چانڊيو پنهنجي ڪردار سبب اڄ به دلين ۾ زندھ آهي،هو قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ اڳڀرو رهيو،هن غريبن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي،يونين آف جرنلسٽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري پرويز ابڙو خطاب ڪندي چيو ته هزار خان چانڊيو قلم جو ڳاٽ اوچو رکيو،هو بهادر صحافي هو. تقريب ۾سياسي ،سماجي،مذهبي تنظيمن  ،استادن،اديبن،شاعرن ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن جو وڏو انگ شريڪ،لفظن ۽ شاعري ذريعي بيباڪ صحافي،ليکڪ ۽ شاعر هزار خان چانڊيو کي زبردست ڀيٽا پيش.

سجاول ۾جيالي جو نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج

سجاول (ڊ ر) سجاول ۾ نوڪري نه ملڻ خلاف جيالي پاران علامتي بک هڙتال شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي انهي سلسلي ۾ جيالي محمد حسين شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  ھڪ سال اڳ روزگار لاء علامتي بک هڙتال ڪئي هئي جيڪا بک هڙتال پ پ تعلقي سجاول جي صدر  پاران دلاسو ڏئي ختم ڪرائي وئي ليڪن اڄ ڏينهن تائين نوڪري نه ڏني وئي هن چيو ته سڄي زندگي شھيدن جي پارٽي کي ڏيئي ڇڏي پر مون غريب ٻچڙيوال کي ھڪ پٽيوالي جي نوڪري بہ نٿي ڏني وڃي. ھن چيو ته هن وقت ضلعي قيادت کي پ پ جي ورڪرن  لاءِ سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا ڏني وئي آهي جنهن لاءِ  پ پ تعلقي جي صدر کي چيو ليڪن ان  مونکي نوڪري ڏيڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو آهي جيالي محمد حسين شيخ چيو تہ پ پ ضلعي قيادت وٽ پراڻن ورڪرن لاء ڪو قدر ناھي تنهنڪري سڀاڻي 13 سيپٽمبر کان ٻيھر پريس ڪلب سجاول ٻاھران پ پ تعلقي سجاول جي صدر خلاف علامتي بک هڙتال شروع ڪندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.