ڊکڻ پوليس پاران ٻه ڀائر گرفتار، هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ڊکڻ  (ن ع آ)  ڊکڻ پوليس ڇتو منگي لنڪ روڊ لڳ سئي گئس پٽيءَ وٽ ڪارروائي ڪري ٻن ڀائرن محمد عمر ۽ حسين بخش پٽ ڪريم بخش جعفري کي وڏي تعداد ۾ هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوه ڪئي آهي،جيڪي سلطان ڪوٽ واري علائقي حاجي لائق ٻيلو ماڇيءَ جا رهواسي آهن،ان سلسلي ۾ ايس ايس پي شڪارپور پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ ڄاڻايو آهي ته  گرفتار ڄاڻايل ڏوهاري ڏاهاڻين کي جهيڙن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ هٿيار ڏنا هئا،جيڪي هو انهن وٽان کڻي ڪنهن ٻئي هنڌ پهچائڻ جي نيت سان بيٺا هئا ته ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪري سندن قبضي مان (04) ڊبل بيرل بندوقون، (01) سنگل بيرل ۽ (02) سلفي رائيفلون، (02) ڪلاشنڪوفون (02) ٽي ٽي پسٽل، (260) 7.62 جون گوليون، (180) ڪارتوس، (90) سلفي رائيفلن جون گوليون ۽ ڪلاشنڪوف جا (06) مئگزين هٿ ڪري ورتا آهن،جڏهن ته ڊکڻ پوليس سرڪار پاران اي ايس آءِ عبدالوهاب ٻپڙ جي فرياد تي ڊکڻ ٿاڻي تي  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.