اينٽي ڪرپشن ۾ قاعدن جي ابتڙ مقرر ٿيل جونيئر ڪلارڪ معطل

ڪراچي (رپورٽ: صادق سومرو) اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ ۾ ڪرپشن، اسٽاف سان بدتميزي ۽ آفيس ڊيڪورم جو خيال نه رکڻ جي الزام هيٺ هٽايل جونيئر ڪلارڪ قاعدن جي ابتڙ مٿئين گريڊ جي عهدي تي مقرر ٿيڻ جو انڪشاف، اعجاز علي گوپانگ کي ڊائريڪٽر ون جو پي ايس بڻايو ويو، ان سلسلي ۾ اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ ۽ دستاويزي ثبوتن موجب ڪجهه وقت اڳ ڪرپشن، اسٽاف سان بدتميزي ۽ آفيس ڊيڪورم جو خيال نه رکڻ جي الزام هيٺ هٽايل اعجاز علي گوپانگ (جيڪو اصل ۾ گريڊ 11 جو جونيئر ڪلارڪ آهي) وڏو بااثر نڪتو ۽ ٻيهر اينٽي ڪرپشن ۾ پنهنجي مقرري ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، اعجاز علي گوپانگ کي تازو اينٽي ڪرپشن ۾ مقرر ڪرڻ ۽ ڊائريڪٽر ون جو پي ايس بنائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اعجاز علي گوپانگ کي ڪجهه وقت ساڳئي ڊائريڪٽر ون اسٽاف سان بدتميزي ڪرڻ تان عهدي تان هٽائيندي کيس ايس اينڊ جي ڊي ۾ رپورٽ ڪرايو هو، جنهن جا لکت ۾ ثبوت موجود آهن، جڏهن ته ان کان اڳ به اعجاز گوپانگ ۾ مختلف وقتن تي ساڳين الزامن هيٺ اينٽي ڪرپشن مان واپس ٿيندو رهيو آهي، ذريعن موجب اعجاز مٿان بااثر شخصيت جو هٿ هجڻ ڪري هو هر ڀيري ڪارروائي کان بچي وڃي ٿو ۽ واپس اينٽي ڪرپشن ۾ مقرري ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، ذريعن موجب هو 2012ع ۾ جونيئر ڪلارڪ طور گريڊ 7 ۾ ڀرتي ٿيو ۽ اها پوسٽ اپ گريڊ ٿيڻ کانپوءِ هن وقت گريڊ 11 جو ملازم آهي پر حيرت جي ڳالهه آهي ته کيس گريڊ 17 جي عهدي تي ڊائريڪٽر انڪوائريز ون جو پي ايس مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي سڄاڻ ڌرين حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي ڪرپٽ ۽ بدتميز ماڻهو جي مقرري سان ڪرپشن ختم ٿيڻ بدران ڪرپشن کي هٿي ملندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.