ڪوٽڙي ڀرسان مڙس هٿان زال ۽ سالو ڇريون هڻي زخمي

ڪوٽڙي (ت ر) ڪوٽڙي لڳ مڙس زال تي ڇرين سان حملو ڪري کيس زخمي ڪري وڌو، ڀيڻ کي ڇڏائڻ لاءِ آيل سالي تي پڻ جوابدار ڇرين جا وارڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، سائيٽ ايريا خدا جي بستي جي رهواسڻ عورت مهناز ميراڻي زخمي حالت ۾ زخمي ڀاءُ سان گڏ ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهتي جتي هن ٻڌايو ته مٿس سندس مڙس ارسلان مغل رين سان حملو ڪيو ته منهنجو ڀاءُ غلام حسين سامهون اچي ويو، جنهن تي مڙس ڇرين جا وار ڪري  کيس زخمي ڪري ڇڏيو آهي، خدا جي بستي پوليس پاران ميڊيڪل ليٽر ملڻ کان پوءُ ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ کي اسپتال علاج لاء منتقل ڪيو ويو. زخمي عورت مهناز ميراڻي ٻڌايو ته مڙس ڪيتري ئي وقت کان هر روز تشدد ڪري ٿو، سهرو امير خان، ڏير ذيشان ۽ ڏيرياڻي صائمه به ساڻن مليل آهن. خدا جي بستي پوليس موجب گهريلو معاملي تي زال مڙس جو جهيڙو ٿيو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.