ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي خلاف صحافين جو پارليامينٽ اڳيان ڌرڻو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحافين حڪومت طرفان سخت قانونن تي ٻڌل پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي رد ڪندي پارليامينٽ سامهون ڌرڻو هڻي ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ سڄي ملڪ مان صحافتي تنظيمن جي عهديدار ۽ ڪارڪنن پي ايم ڊي اي خلاف احتجاج ڪيو ۽ پارليامينٽ سامهون پهچي ڌرڻو هنيو.

صحافين جي احتجاج ۽ ڌرڻي ۾ اپوزيشن سياسي جماعتن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو، جڏهن ته وڪيل، برطرف سرڪاري ملازم، انساني حقن جا ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا به ڌرڻا ۾ شريڪ ٿيا.

ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ خلاف صحافين اسلام آباد پريس ڪلب کان پارليامينٽ هائوس تائين ريلي ڪڍي، ان موقعي تي حڪومت مخالف نعريبازي به ڪئي وئي، گڏوگڏ احتجاج ڪندڙن تڪراري قانون واپس وٺڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو به اعلان ڪيو.

واضح رهي ته صحافين سومر ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر عارف علوي جي خطاب دوران به احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.