چهري جي داڻن جو گيرنٽي سان خاتمو ڪندڙ ٽِڪي

 

عورتن کي گهڻي قدر موهيڙن جو مسئلو رهندو آهي ۽ انهن جو چهرو داڻن سان ڀريل هوندو آهي جيڪي اتنهائي خراب نظر ايندا آهن.

ان حوالي سان وڏو ۽ اهم مسئلو اهو هوندو آهي ته جڏهن اهي داڻا ختم ٿي ويند آهن ته انهن جا داغ رهجي ويندا آهن جيڪي چهري کي وڌيڪ خراب بڻائي ڇڏيندا آهن.

اسان اڄ توهان کي ان مسئلي جو اهڙو حل ٻڌائينداسين جنهن سان توهان نه رڳو چهري جي داڻن کي خشڪ ڪري سگهو ٿا پر داڻن کي ختم ڪرڻ کانپوءِ انهن جي رهيل داغن کي ختم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪندو.

جيڪو نسخو اڄ اسان توهان کي ٻڌائي رهيا آهيون ان ۾ حقيقت ۾ ڊسپرين جي ٽڪين جو استعمال ٿيندو.

ڊسپرين ۾ سيليسيلڪ ايسڊ موجود هوندو آهي جيڪو داڻن کي خشڪ ڪندو آهي.

هتي اهو ٻڌائڻ تمام ضروري آهي ته ڊسپرين چمڙي کي خشڪ ڪندي آهي جيڪڏهن خشڪ چمڙي واريون عورتون ان جو استعمال ڪنديون ته انهن جي چمڙي وڌيڪ خشڪ ٿي خراب ٿي سگهي ٿي.

نسخي جي استعمال جي حوالي سان توهان کي ٻڌائيندا هلون ته سڀ کان پهريون توهان ڪجهه ڊسپرين جون گوريون کڻو ۽ کي ڪُٽي يا پيسي پائوڊر بڻائي ڇڏيو، انکانپوءِ انهن ۾ هڪ چمچو هلڪو گرم پاڻي استعمال ڪيو، هاڻي اهو مڪسچر چهري تي لڳائڻ لاءِ تيار آهي.

ان جي استعمال ڪرڻ کان اڳ چهري کي ڌوئي صاف ڪرڻ کانپوءِ خشڪ ڪري وٺو جنهن کانپوءِ چهري تي ڊسپرين وارو مڪسچر لڳايو ۽ ڏهن کان پندرهن منٽن تائين اهو لڳل رهڻ ڏيو.

جڏهن اهو درست نموني خشڪ ٿي وڃي ته انکي نيم گرم پاڻي سان ڌوئي وٺو.

انکانپوءِ چهري تي ڪنهن به قسم جو لوشن استعمال نه ڪيو.

نوٽ ڪري وٺو ته جيڪڏهن توهان ڊسپرين جي ان مڪسچر کي چهري تي ”فيس ماسڪ“ جيان لڳايو ٿا ته جيئن موهيڙا ۽ داغ ختم ڪري سگهجن ته اهو مڪسچر هفتي ۾ رڳو هڪ يا ٻه ڀيرا ئي استعمال ڪيو.

جيڪڏهن توهان اهو مڪسچر رڳو ”داڻن“ کي ئي لڳايو ٿا ته روز ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو لڳائي سگهجي ٿو جيستائين اهي داڻا ختم نه ٿي وڃن.

واضح رهي ته ڊسپرين کي عام طور تي جسم ۾ سور، مٿي جي سور، ڏندن جي سور ۽ ماهواري دوران ٿيندڙ سُور ۽ بخار واري ڪيفيت ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.