زهرا شاهد قتل: علي زيدي وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير علي زيدي تحريڪ انصاف اڳواڻ زهرا شاهد جي قتل بابت وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو.

2013 جي عام چونڊن ۾ ڊفينس ۽ ڪلفٽن تي ٻڌل تڪ ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف تحريڪا انصاف جي جاري احتجاج دوران زهرا شاهد کي قتل ڪيو ويو هو.

2013 جي عام چونڊن ۾ تڪ اين اي 250 جي شروعاتي نتيجن ۾ ايم ڪيو ايم جو خوش بخت شجاعت ڪامياب قرار ڏنو ويو هو، جنهن خلاف تحريڪ انصاف اڳواڻ عارف علوي جي قيادت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي هئي.

تحريڪ انصاف جي احتجاج کانپوءِ اليڪشن ڪميشن تڪ جي 43 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏنو هو پر پولنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ زهرا شاهد کي فائرنگ ڪري ماريو ويو.

نامزد جوابدارن ۾ زاهد عباس زيدي، راشد عرف ٽيلر ماسٽر عرفان ۽ ڪليم شامل هئا ۽ زهرا شاهد جي ڊرائيور جج سامهون جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي هئي.

جوابدارن اعتراف ڪيو هو ته شهر ۾ خوف پکيڙڻ لاءِ ايم ڪيو ايم باني جي هدايت تي زهرا کي قتل ڪيو، جڏهن ته عدالت دستاويزن جي شاهدين ۾ تضاد جي بنياد تي قتل ڪيس جي جوابدارن جي موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي هئي.

هاڻ علي زيدي انڪشاف ڪيو آهي ته زهرا شاهد جي قتل ۾ بابر غوري جا ڀارتي ڪيل ملازم ملوث آهن.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري جي ڀرتي ڪيل ڪي پي ٽي ملازمن تحريڪ انصاف اڳواڻ زهرا شاهد کي قتل ڪيو، هن وقت بابر غوري ملڪ مان فرار ٿي آمريڪا ۾ رهي ٿو، ڇو ته زهرا شاهد کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار ڪي پي ٽي ملازم هئا، انهن ٻنهي کي بابر غوري ڀرتي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.