پٽاٽا صحت سان گڏ خوبصورتي جو به سبب!حيران ڪندڙ تحقيق

 

پٽاٽا هڪ اهڙي ڀاڄي آهي جيڪا هر روز هر گهر ۾ استعمال ٿيندي رهندي آهي ان سان گڏ پٽاٽا هر موسم ۾ موجود هوندا آهن.

جيڪڏهن پٽاٽن کانسواءِ به ڪا ڀاڄي گهر ۾ پچندي آهي ته ان ۾ پٽاٽن جو استعمال ضرور ڪيو ويندو آهي جيڪڏهن اهو ضروري ناهي به ٿيندو ته انهن کي استعمال ڪري ضرور سگهجي ٿو.

کاڌ خوراڪ جي ماهرن چيو آهي ته پٽاٽن بابت اها غلط فهمي آهي ته انهن ۾ غذائيت ناهي هوندي اهي رڳو ٿولهه جو سبب ئي بڻبا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو ڊائيٽنگ ڪندا آهن اهي پٽاٽن کي به پنهنجي استعمال کان ڪڍي ڇڏيندا آهن جيڪو حقيقتن جي ابتڙ آهي.

هنن ٻڌايو آهي ته پٽالن جي 173 گرام مقدار ۾ 161 ڪيلوريز جڏهن ته وٽامن بي6، پوٽيشيم، ڪاپر، وٽامن سي، مينگنيز، فاسفورس، فائبر ۽ وٽامن بي 3 جو به گهڻو مقدار موجود هوندو آهي.

پٽاٽا نه کائڻ سان اهو ڪٿي به ثابت ناهي ٿيو ته ماڻهو هاڻي سنهڙا ۽ سُڪا بڻجي خوبصورت ڏيک ڏيندا هجن.

فٽنيس جا ماهر روزاني جي بنيادن تي سخت ورزشون ڪندڙ ماڻهن کي اٻاريل پٽاٽا کائڻ جو چوندا آهن، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پٽاٽا صحت لاءِ نقصانڪار نه پر صحت ڏيندڙ عذا آهن.

خوراڪ جي ماهرن چيو آهي ته هر ڪا خوراڪ مخصوص مقدار ۾ صحت ڏيندڙ جڏهن ته گهڻي استعمال ڪرڻ سان صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي آهي، اهڙي ريت پٽاٽا به صحت ۾ واڌ ۽ ٻين شڪايتن جي خاتمي لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا.

ماهرن طرفان ٻڌايل پٽاٽن جي استعمال سان جسم تي پوندڙ ڪيترائي هاڪاري اثر هيٺ بيان ڪجن ٿا جن کي ڄاڻڻ کانپوءِ توهان به پٽاٽن جي چاٽ، پٽاٽن جي سلاد، پٽاٽن جي ٽڪين، اٻاريل پٽاٽن سميت پٽاٽن جي ٻئي قسم جي ڀاڄين کان ڀڄڻ بند ڪندا پر توهان اهي خوراڪون پنهنجي زندگي کي وڌيڪ پر لطف بڻائيندا.

ماهرن ٻڌايو آهي ته پٽاٽن ۾ هڪ انوکو ايسڊ موجود هوندو آهي جيڪو دماغي صحت کي بهتر بڻائيندو آهي، هنن ٻڌايو ته الزائمر جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي پٽاٽن جو استعمال وڌ کان وڌ ڪرڻ گهرجي.

ان کانسواءِ پٽاٽن ۾ پوٽيشيم پٺن کي آرام پهچائڻ لاءِ وڏو فائديمند آهي ۽ ورزش يا ٿڪاوٽ جي ڪري متاثر ٿيل پٺن جي مرمت به ڪندو آهي، پٽاٽن ۾ موجود ڪيلشيم جي ڪري هڏين کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو.

کاڌي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پٽاٽن ۾ ڪاربوهائيڊريٽس سان گڏ فائبر به موجود آهي هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائيندو آهي.

نه رڳو ايترو پر پٽاٽن جو استعمال بلد پريشر کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندو آهي، پٽاٽن کي سلاد طور پچائي يا اٻاري به کائي سگهجي ٿو.

پٽاٽن ۾ موجود وٽامن سي چمڙي کي صاف، شفاف ۽ بي داغ ڪندي آهي ۽ قدرتي طور چهري جي وارن کي بليچ ڪندو آهي.

پٽاٽن جا ڳترا ڪري انهن کي چهري تي مساج ڪري سگهجي ٿو جنهن سان موهيڙن کي ٿورن ڏينهن ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ اکين جي چوڌاري ڪاري ڌٻن کي به ختم ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.