ڄامشورو ۾ عورت جو مڙس جي ظلم خلاف احتجاج

ڄامشورو (ڊ  ر) نوشھرو فيروز ضلعي جي ڳوٺ ٺارو شاھ وارڊ نمبر 8 سولنگي پاڙي جي رھواسي عورت مسمات صنم سولنگي پنھنجي امڙ بيواھ  عائشا سولنگي سان گڏجي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانھندي چيو آھي تـ منھنجي شادي پنج سال اڳ پنھنجي عزيز مشتاق سولنگي سان ٿي ھو گھر ۾ مسلسل مارڪٽ ڪندو رھندو ھو ھن تازو مونکي ڪجھ مھينا اڳ گھر ۾ ان جي ڀائرن ان جي چاچن مختيار سولنگي اشفاق سولنگي اسماعيل سولنگي گھران مارڪٽ ڪرڻ بعد طلاق ڏئي ڪڍي ڇڏيو ان بعد مان پنھنجي امڙ ۽ ڀيڻيوي وٽ رھندي آھيان ان بعد منھنجي مڙس مشتاق انھن ڀيڻوي سلطان سولنگي خالد سولنگي چاچي قادر بخش سولنگي مٿان منھنجي اغوا  ۽ ڦر ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي پوليس کي ڳري رشوت ڏئي اسان جي ڀيڻوي جي گھرن تي پوليس چڙھايون ڪري عورتن ٻارڙن تي تشدد ڪري واپس ھلي وئي ان پوليس جي خوف سبب اسان جا مرد گھر نٿا اچن اسان کي مرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن مان ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان مطالبو ڪيان ٿي تـ اسان مٿان داخل ڪوڙو ڪيس واپس وٺي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي  ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.